نوشهروفيروز(اي اين اين ايس)
حيدرآباد جي ڊاڪٽر پاران غلط علاج ٿيڻ ڪري فوت ٿيل سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي وارثن پاران پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
ان موقعي تي سيد غلام مرتضيٰ شاهه، پرويز علي، يوسف شاهه، نياز علي، غلام شبير، غلام مجتبيٰ شاهه ۽ ٻي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڏيڍ مهينو اڳ سيد غلام مصطفيٰ شاهه علاج لاءِ اين آءِ سي وي ڊي حيدرآباد ويو هو جتي ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر بلال ۽ ليڊي ڊاڪٽر عطيه جي غلط علاج سبب فوت ٿي ويو
فوت ٿيل سيد غلام مصطفيٰ شاهه دانهون ڪندو رهيو پر ڊاڪٽرن لاپرواهي سبب ان ڏانهن ڪو به ڌيان نه ڏنو جنهن سبب اسان جو همراهه فوت ٿيو آهي
هنن ٻڌايو ته مريض جو بلڊ پريشر گهٽ ھيو ۽ ويتر ڊاڪٽرن کيس بلڊ پريشر گهٽائڻ جي دوا ڏني جنهن ڪري هو فوت ٿي ويو۔
هنن سنڌ حڪومت سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جاچ ڪرائي سيد مصطفيٰ شاهه کي قتل ڪندڙ ڊاڪٽرن کي گرفتار ڪري اسان کي انصاف ڏياريو وڃي