مٺياڻي:سنڌو درياءَ ۾ وهنجندي ٻن ڀینرن سمیت 3 نينگريون ٻڏي فوت - Eye News Network

مٺياڻي:سنڌو درياءَ ۾ وهنجندي ٻن ڀینرن سمیت 3 نينگريون ٻڏي فوت

0

نوشھرو فيروز( رپورٽ: منظور ملڪ) مٺياڻي ويجهو سنڌو درياءَ ۾ وهنجندي 3 نينگريون ٻڏي فوت ٿي ويون، ڳوٺ گلڻ جا ڀاڻ وٽ سنڌو درياءَ ۾ وهجندي صائقا ڀرٽ، ثناء ڀرٽ ۽ حنا ڀرٽ ٻڏي فوت ٿي ويون، ٽنهي ٻارڙين جا لاش ڪڍيا ويا، فوتي نينگرين جي عمر 10 کان 11 سال ٻڌائي پئي وڃي۔
خبر موجب ڪچي جي علائقي ڳوٺ گلڻ جا ڀاڻ جي رھواسي ڪمدار فيض محمد ڀرٽ جي پٽ منير احمد ڀرٽ جون ٻه معصوم نياڻيون صنم ۽ حنا ڀرٽ ۽ سندن عزيز قربان ڀرٽ جي نياڻي صائقا سندن گهرن ڀرسان وھندڙ سنڌو دريا جي ڪپ تي راند کيڏندي ٻڏي ويون جن جا لاش مقامي ٽوٻن ۽ ڳوٺاڻن جي مدد سان ڪافي ڳولا بعد ھٿ ڪيا ويا، جنھن بعد لاش مٺياڻي اسپتال آندا ويا جن جي فوت ٿيڻ جي تصديق بعد لاش ايمبولينس ذريعي ڳوٺ نیا ويا۔ ھڪ ئي وقت ٽي لاش ڳوٺ پھچڻ تي ڳوٺ ۾ ڪھرام مچي ويو ۽ سندن مائرن کي بيھوشي جو دورا پوڻ لڳا
ھوڏانھن ڪوٽ مٺا ٿاڻي تي رابطو ڪرڻ تي وڏي منشي گدا حسين واقعي جي تصديق ڪندي چيو ته ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا آھن ۽ اھڙي داخلا پڻ رکي وئي آھي۔

About Author

Leave A Reply