شھيد بينظيرآباد:ڪرونا وائرس کي روڪڻ لاءِ نوابشاهه ۽ سڪرنڊ ۾ پندرھن ڏينھن لاءِ لاڪ ڊائون - Eye News Network

شھيد بينظيرآباد:ڪرونا وائرس کي روڪڻ لاءِ نوابشاهه ۽ سڪرنڊ ۾ پندرھن ڏينھن لاءِ لاڪ ڊائون

0

نوشھرو فيروز(رپورٽ: منظور ملڪ) ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد ابرار احمد جعفر ضلعي شھيد بينظيرآباد ۾ تيزي سان ڦھلجندڙ ڪرونا وائرس کي روڪڻ لاءِ صحت کاتي پاران ڏنل تجويز کانپوءِ ضلعي جي 2 تعلقن نوابشاهه ۽ سڪرنڊ ۾ پندرھن ڏينھن لاءِ مڪمل لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو جو حڪم جاري ڪيو آھي، جنھن تحت لاڪ ڊائون 18 جون 12 وڳي کان 2 جولائي رات 12 وڳي تائين جاري رھندو.
نوٽيفڪيشن مطابق ضروري سامان کڻي ايندڙن کانسواءِ ڪنھن به ٻئي ماڻھو يا گاڏي کي انھن تعلقن جي حدن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نہ ڏني ويندي، جڏھن ته ٻنھي تعلقن جي حدن ۾ ڪنھن بہ قسم جي عوامي تقريبن يا گڏجاڻين تي پڻ مڪمل پابندي ھوندي
سڀ دڪان، بازارون، ھوٽل، ريسٽورنٽ ۽ چانھ جا ھوٽل بند رھندا. نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ضروري شين جي خريداري ۽ وڪرو ڪندڙ ڪاروبار يا دڪان جنھن ۾ فارميسي، ميڊيڪل اسٽور، پيٿالوجي، ليبارٽريز، بلڊ بينڪ، گروسريز، پرچون، يوٽلٽي اسٽور، کير، پئيڻ جي پاڻي جي سپلائي ڪندڙ دڪان، پيٽرول پمپ، گوشت، مڇي، فروٽ، ڀاڄي جا دڪان، تندور، بيڪريون انھي شرط تي کليل رھنديون ته انھن ۾ ايس او پيز تي مڪمل عملدرآمد ڪيو ويندو (جنھن ۾ سماجي وٿي ۽ ماسڪ پائڻ لازمي ھوندو). اھي دڪان صبح 7 بجي کان رات 7 بجي تائين کليل رھندا
زراعت سان تعلق رکندڙ ڪاروبار جنھن ۾ پيسٽيسائيڊز،فرٽيلائزرس ۽ ٽولز وغيرہ جي دڪانن سان گڏ تعميراتي ڪم جا دڪان به ايس او پيز تي عملدرآمد ڪندي پنھنجو ڪاروبار مذڪورہ وقت تائين جاري رکي سگھندا جڏھن ته مسجدن ۾ باجماعت نماز وڌ ۾ وڌ 5 ماڻھو ادا ڪري سگھندا

نوٽيفڪيشن موجب مقامي انٽرسٽي ٽرانسپورٽ جنھن ۾ موٽر سائيڪل، چنگچي، رڪشو، ڪار، سوزڪي ۽ ٻئي قسم جون گاڏيون لاڪ ڊائون دوران سفر نہ ڪري سگھنديون سواءِ انھن گاڏين جي جيڪي مريضن کي اسپتالن ۾ کڻي وڃڻ لاء گھرو کاتي جي ايس او پيز تحت سفر ڪري سگھنديون جڏھن ته ضروري کاتن جا سرڪاري آفيسر ۽ ملازم جنھن ۾ حيسڪو، سوئي گيس، ٽيليفون، لوڪل گورنمنٽ، پوليس، روينيو، ايڊمنسٽريشن سميت ٻيا پنھنجي آفيسن ۾ ايس او پيز تحت وڃي سگھندا. پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سان تعلق رکندڙ صحافي پنھنجي اداري جو آئي ڊي ڪارڊ ۽ اطلاعات کاتي سنڌ پاران مجاز ڪيل صحافي لاڪ ڊائون دوران پنھنجون ذميواريون نڀائي سگھندا
ڊپٽي ڪمشنر ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد، ڪمانڊنٽ انڊس رينجرز شھيد بينظيرآباد کي درخواست ڪئي آھي ته لاڳو ڪيل ٻنھي تعلقن ۾ لاڪ ڊائون دوران عوام جي چرپر ۽ گھرو کاتي پاران جاري ڪيل ايس او پيز تحت ماسڪ نہ پائيندڙ ۽ سماجي وٿي تي عمل نہ ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

About Author

Leave A Reply