سکر ۾ عورتن جو هو جمالو - Eye News Network

سکر ۾ عورتن جو هو جمالو

0

 سکر(رپورٽ: : فهميده رياض)سنڌيءَ جو لوڪ گيت هوجمالو شادين مرادين، خوشي جي ڪنهن به موقعي  ۽ هر محفل جو لازم جُز سمجهيو ويندو آهي، ڪنهن به راڳ رنگ جي محفل جي آخر ۾ هوجمالو نه ڳائجي ته ڄڻ محفل اڻپوري ۽ بي چسي لڳندي آهي؛ پر عورتن جي حقن لاءِ سرگرم عورتون ان لوڪ گيت جي شاعري سان اتفاق نه ٿيون ڪن. انهن  جو چوڻ آهي ته، ان جي سڄي شاعري ۾ مرد جي همٿ ۽ بهادري کي ئي پيش ڪيو ويو آهي ۽ ان ۾ عورت جي ڪردار جي نفي يا ائين کڻي چئجي ته ان کي گهٽ ڪري پيش ڪيو ويو آهي

عورتن جي عالمي ڏهاڙي 8 مارچ تي سنڌ جي مختلف شهرن کان پهتل عورتن “عورتن جو هوجمالو” گيت ڳائي ان کي دنيا آڏو هڪ نئون رخ ڏئي ڇڏيو. ان کان اڳ رات جو عورتن مشعل بردار ريلي ڪڍي سنڌو درياءَ تي اڏيل سکر پل تي  پهتي، جتي “هوجمالو” جو بنياد وڌو ويو هو

وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ امر سنڌو جو چوڻ هو ته هُو درياءَ / درياهه کي شڪايت ڪرڻ آيون آهن ته، شاهه عبدالطيف ڀٽائي پنهنجي شاعري ۾ درياءَ / درياهه کان اها شڪايت ڪري چڪو آهي ته، عورتن کي غيرت جي نالي تي قتل ڪري سندن لاش ان ئي درياءَ ۾ لوڙهيا ويندا آهن

عورتن جو هوجمالو ڪنهن هڪ عورت ناهي لکيو؛ ناليواري شاعرا ۽ ڊرامانگار عطيه دائود جو چوڻ هو  ته، فيس بڪ تي ان جو خيال / آئيڊيا شيئر ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ سٽون شامل ٿينديون ويون ۽ اهڙي طرح هڪ گيت ٺهي ويو

انهن عورتن پنهنجي هوجمالو ۾ بينظير ڀٽو کانسواءِ مائي بختاور جو به حوالو ڏنو آهي جنهن زميندار سان بٽئي جي معاملي تي مزاحمت ڪئي هئي ۽ ان مزاحمت دوران ئي مارجي وئي هئي، جنهن کي شهيد مائي بختاور به چيو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح هن هوجمالو ۾ مائي جندو جو به ذڪر آهي، جنهن جي هاري پٽن کي ميان نواز شريف جي پهرين حڪومتي دور ۾ فوجي آپريشن دوران ڌاڙيل ڄاڻائي ماريو ويو هو، مائي جندو جي جدوجهد جي نتيجي ۾ ڪجهه عرصي کانپوءِ انهيءَ فوجي عملدار کي ڦاهي آئي هئي، پر ان کان اڳ مائي جندو جي ٻن ڌيئرن زيب النساءَ ۽ حاڪم زادي کي حيدرآباد جي دهشتگردي جي  خاتمي واري عدالت ٻاهران پاڻ ساڙڻو پيو هو

روايت مطابق هوجمالو گيت جو بنياد سکر جي ان پل سان گڏ پيو هو، هڪ عورت پنهنجي مڙس جنهن جو نالو جمالو هو ان لاءِ ان وقت اهو گيت ڳايو هو جڏهن سکر ۽ روهڙي کي ملائيندڙ لئنسڊائوون پل جنهن تي روڊ سان گڏ ٽرين جي پٽڙي به آهي، ان پل تان پهريون ڀيرو ريل گاڏي گذاري وئي هئي

وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ پروفيسر عرفانا ملاح جو چوڻ هو ته، هن  گيت ۾ مرد جي خوبصورتي ۽ بهادري جي ساراهه ڪئي وئي آهي، جڏهن ته عورت ان کان به وڌيڪ حسين ۽ بهادر آهي، ان لاءِ شاهه عبداللطيف ڀٽائي سسئي، سهڻي ۽ ماروي کي ڳايو آهي ۽ پنهنجي شاعري ۾ انهن کي ساراهيو آهي

سکر ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن جي  موقعي تي عورتن جي هي پهرين ريلي هئي، جنهن ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جي ڀرپاسي وارن ضلعن جي شهرن ۽ ڳوٺن مان هاري عورتون، شاگردياڻين ۽ انساني حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڪارڪنن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي هئي، ان ريلي جي پيپلز پارٽي ۽ قومپرست پارٽين به ڀرپور حمايت ڪئي هئي

ان کان اڳ ۾ جميعت علماءِ اسلام سنڌ جي اڳواڻ راشد خالد محمود سومرو اعلان  ڪري چڪو هو ته عورتن جي ريلي ڪڍي وئي ته ان جي مزاحمت ڪئي ويندي، ڇو ته اها ريلي ”ميرا جسم ميري مرضي“ واري ڳالهه کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪڍي پئي وڃي. راشد محمود سومري جي اهڙي اعلان جي سڄي سنڌ جي سول سوسائٽي مذمت ڪئي، ان دوران ئي بلاول ڀٽو زرداري به اعلان ڪيو ته ريلي هر صورت ۾ نڪرندي ۽ سنڌ حڪومت ريلي ۽ ان ۾ شريڪ عورتن کي تحفظ مهيا ڪندي

سکر پوليس ريلي واري رات ۽ ريليءَ واري ڏينهن حفاظتي انتظام انتهائي سخت ڪيا هئا، پوليس غيرواسطيدار ماڻهن کي ريلي طرف وڃڻ جي به اجازت نه ڏني، ريلي واري رستي تي چار هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار مقرر ڪري ريلي کي تحفظ ڏنو ويو هو

About Author

Leave A Reply