نوشهروفيروز ۾ بااثر خلاف رهواسین جو احتجاج - Eye News Network

نوشهروفيروز ۾ بااثر خلاف رهواسین جو احتجاج

0

نوشهروفيروز(اي این این ایس) ڳوٺ حاجي جمع خان ڪلهوڙو جا رهواسي حافظ عبدالقيوم، عبدالماجد، عبدالعليم ڪلهوڙو ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد صحافين کي ٻڌايو ته اسان جو مامو فضل ڪلهوڙو پنهنجي ڀينرن سان غلط زباني ڪري فوتي کاتو تبديل ڪرائڻ بهاني صحيحون ورتيون، اسان کي جڏهن خبر پئي ته اسان مختياڪار ڪنڊيارو ۽ اي سي سان ملي فردي ڪڍرائي اهي ڪاغذ رجسٽرار آفيس نوشهرو فيروز کڻي پهتاسين جتي اسان رجسٽري روڪرائي.
هنن چيو ته ڪاغذن ۾ اسان جي امڙ جي تصوير شناختي ڪارڊ کان ورتل هئي ۽ اڱوٺي جا نشان هئا ئي ڪو نه جنهن کان پوءِ مامو فضل اسان مٿان ڏمرجي ويري دشمن ٿي پيو آهي. هنن چيو ته ايتري جو مامي پنهنجي ڌيءَ جيڪا اسان جي سئوٽ جي نڪاح ۾ آهي ان کي به گهر ويهاري ڇڏيو آهي مامو ڇوڪري کي وٺي ٺاروشاهه ٿاڻي تي 6 ڄڻن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي.
هنن چيو ته اسان جي مامي جي ڌيءَ کي هڪ ڌيءَ جو اولاد آهي جيڪڏهن نياڻي کي ڪجهه به ٿيو ته ان جا ذميوار به اهي ئي جوابدار هوندا.
هنن چيف جسٽس سپريم ڪوٽ، وڏي وزير مراد علي شاهه سميت ايس ايس پي نوشهروفيروز کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي انڪوائري ڪرائي اسان کي انصاف ڏنو وڃي.

About Author

Leave A Reply