You are at:Home»News»Local»نوشھرو فيروز ڀرسان ملڪيت جي معاملي تان ڀا۶ ، 2 سڳا ڀائر قتل ڪري ڇڏيا
نوشھرو فيروز(رپورٽ: منظور ملڪ)
نوشھرو فيروزڀرسان ڳوٺ صادق وڙائچ ۾ ملڪيت جي معاملي تان 2 سڳا ڀائر قتل ڪري ڇڏيا.
جوابدار نعيم وڙائچ پنھنجن ٻن وڏن ڀائرن کي وڻن جي واڍي روڪڻ تان ڪلاشن ڪوف جون گوليون ھڻي 50 سالن جي نظر محمد وڙائچ ۽ 40 ساله رزاق وڙائچ کي قتل ڪري ڇڏيو.
ڊي ايس پي نوشھروفيروز عبدالحڪيم مزاري واقعي واري ھنڌ پھچي ويو. واقعي واري ھنڌ تان گولين جا کول ۽ گولين سان ڀريل ڪلاشنڪوف جو ٻه مئگزينون ھٿ،
ڪجھ ڪلاڪن کان پوء جوابدار پاڻمرادو پيش ٿي گرفتاري ڏئي ڇڏي.
About Author