مٺي: ڳوٺاٹن جي باااثرن خلاف دانهن - Eye News Network

مٺي: ڳوٺاٹن جي باااثرن خلاف دانهن

0

مٺي(ای این این ایس) تعلقي ڇاڇرو جي ڳوٺ مبارڪ رند جي رهواسين جيرام، جهور لال، ڏوڏو ڪولهي ۽ ٻين عورتن سميت مٺي پريس ڪلب پهچي دانھيندي چيو آھي ته ڳوٺ جي باااثر ماڻھن ماستر مدد علي، لکاڏنو، منظور، مصري ڪولهي، گيگو ڪولهي سوماريو ۽ ٻين اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي.
هنن مبارڪ رند جي مارڪيٽ بيٺل اسان جي ڀاڄي جي گاڏي تي حملو ڪيو ۽ اسان جي ڇوڪري کي مارڪٽ ڪئي ۽ اسان تي ڪوڙي اين سي پڻ داخل ڪرائي ۽ اسان کي هو اڃان به مسلسل ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن ته اسان اوهان جا ٻار ٻچا کڻنداسين.
هنن مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

About Author

Leave A Reply