مورو ڀرسان ٽي سال اڳ قتل ٿيل نوجوان ياسين ڀٽي جا قاتل گرفتار نه ڪرڻ خلاف مظاهرو - Eye News Network

مورو ڀرسان ٽي سال اڳ قتل ٿيل نوجوان ياسين ڀٽي جا قاتل گرفتار نه ڪرڻ خلاف مظاهرو

0

مورو :ای این این
مورو ڀرسان ڳوٺ اميد علي ڀٽي ۾ ٽي سال اڳ قتل ٿيل نوجوان محمد ياسين ڀٽي جي قاتلن جي گرفتاري ۽ سندس معصوم پٽن کي اغوا ڪرڻ ۽ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ملڻ خلاف مقتول جي معصوم پٽن عبدالفتاح ڀٽي ۽ بهادر علي ڀٽي مورو پريس ڪلب ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي صحافين آڏو دانهيندي هنن چيو ته ٽي سال اڳ معمولي ڳالھ تان ڪنهن جي چرچ تي اسان جي بابا محمد ياسين ڀٽي کي قتل ڪيو ويو هو جنهن جو ڪيس درس ٿاڻي تي داخل آهي پوليس وڏي رشوت وٺي قاتلن کي گرفتار نه ڪيو جنھن مان ڪجهه جوابدارن ٻاهران ضمانتون ڪرائي ڇڏيون پر مک هڪ قاتل مٺو عرف پوڙهو ڀٽي هن محل تائين تائين گرفتار نه ٿي سگهيو آهي پوليس جي سائي ۾ آزاد گهمي رهيو آهي اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاء مک جوابدار مٺو عرف پوڙهو ڀٽي ۽ ٻيا جوابدر موت مار ۽ اغوا ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جنهن ڪري اسان پوليس کي اهڙي دانهن ڏني پر ڪوب تدارڪ نه ٿيو آهي اسان غير محفوظ بڻجي ويا آهيون معصوم ٻارڙن چيو ته قتل ۽ اغوا جي ڊپ کان وڏي عرصي کان اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنو هو تعليم پڻ متاثر آهي گهر کان ٻاهر نٿا نڪري سگهون هنن چيو ته قاتلن کي پوليس ۽ وڏيرن جي پشت پناهي حاصل آهي احتجاج دوران مقتول جا معصوم ٻارڙا روئندا رهيا، هنن وزير اعليٰ سنڌ، آء جي پوليس سنڌ ڊي آئي جي پوليس شهيد بينظير آباد ۽ ايس ايس پي نوشھروفيروز ۽ ٻين وس وارن کي پر زور اپيل ڪئي آهي ته قاتلن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي.

About Author

Leave A Reply