ڪوٽ غلام محمد ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن جو پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج

0

غلام محمد (اي اين اين)ڪوٽ غلام محمد تعلقي جون ليڊي هليٿ ورڪر جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ روڊن تي نڪري آيون آهن، ضلعي ميرپورخاص سميت تعلقي ڪوٽ غلام محمد ۾ گذريل  مهينن کان ليڊي هليٿ ورڪرن جون پگهارون ادا نه ڪرڻ خلاف ليڊي هليٿ ورڪرن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي تعلقه اسپتال ڪوٽ غلام محمد آڏوصاحب زادي کوسو، ثمينه، عائشه پروين ، قمر پروين، طاهره بانو، ريحانه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري شديد نعريبازي ڪئي

ان موقعي تي ليڊي هليٿ ورڪرن ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته ليڊي هليٿ ورڪر ايمانداري سان پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيون آهن ۽ اين جي اوز وارن جا ڪم پڻ ليڊي هليٿ ورڪرن کان ورتا وڃن پيا

هنن چيو ته اليڪشنن جي ڊيوٽين ۾ به هڪ حامله ليڊي هيلٿ ورڪر ڊيوٽي ڏني جڏهن ته هڪ ليڊي هيلٿ ورڪر فوت ٿي وئي هئي، هنن چيو ته ايمانداري سان ڊيوٽيون ڏئڻ جي باوجود صرف ضلعي ميرپورخاص سميت تعلقي ڪوٽ

.غلام محمد جي تمام ليڊي هليٿ ورڪرن کي گذريل5 مهينن جون رهيل پگهارون جاري نه ڪيون ويون آهن

About Author

Leave A Reply