ڪوٽ غلام محمد ۾ جج جواسپتال تي ڇاپو، ناقص انتظام -حادثي ۾ نوجوان فوت، 5 زخمي

0

ڪوٽ غلام محمد(اي اين اين ايس) ڪوٽ غلام محمد شهر ڀرسان ايل پي جي گئس پلانٽ لڳ ٻن موٽرسايئڪلن ۾ زور دار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ عورت سميت 5 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.  زخمين کي شهرين ۽ ڀرپاسي جي ماڻهن تعلقي اسپتال ڪوٽ غلام محمد پهچايو جتي زخمي  45 سالن جو عطاءالله قائم خاني زخمن جا سور نه سهندي اسپتال ۾ فوت  ٿي ويو،جڏهن ته ٻين عورت سميت چار زخمين کي حالت نازڪ هئيڻ سبب ميرپورخاص ريفر ڪيو ويو

فوتي عطاءالله قائم خاني ڪوٽ غلام محمد شهر جو رهواسي ۽ اليڪٽريشن جو ڪم ڪندڙ ٻڌايو پيو وڃي. زخمين ۾ مسمات خيرالنساء زال ممتاز خاصخيلي،سندس پٽ امتياز پٽ ممتاز خاصخيلي،نواز پٽ ممتاز خاصخيلي شامل آهن،جيڪي سامارو مان پنهنجي ڳوٺ ڪامورو شريف ڏانهن وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو

پوليس پاران ڪاغذي ڪاروائيءَ بعد فوتي جو مڙهه سندس وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف ڪوٽ غلام محمد جي شهري عارف يامين خان قائم خاني جي شڪايت تي سول مئجسٽريٽ نياز حسين جوکيو پاران تعلقي اسپتال ڪوٽ غلام محمد تي چاپو هنيو ويو ته اسپتال ۾ صرف 3 ڊاڪٽر ويٺل هئا جڏهن ته مريضن جي رش ۽ مريضن لاءِ ويهڻ جوڪوجوڳو بندوبست نه هئڻ ۽ اسپتال ۾ صفائي جو نظام بهتر نه هجڻ تي جج پاران ڪاووڙ جو اظهار ڪندي رپورٽ ٺاهي موڪلي وئي آهي

About Author

Leave A Reply