ڪنڌڪوٽ لڳ ڪارنهن تڪرار تان جهيڙي ۾ عورتن سميت 12 ڄڻا زخمي

0

ڪنڌڪوٽ(اي اين اين ايس) تنگواڻي جمال پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ بخشڻ ملڪ ۾ ملڪ برادري جي ٻن ڌرين وچ ڪارنهن تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو. جهيڙي دوران لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب جاڙو ملڪ، شاهمراد ملڪ، مور خان ملڪ، دائم ملڪ، مسمات وزيران ملڪ سميت 12 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا

پوليس موقعي تي پهچي زخمين کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو، زخمين مان 3 ڄڻن جي حالت نازڪ هئڻ ڪري کين علاج لاءِ لاڙڪاڻي اسپتال نيوويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو

About Author

Leave A Reply