ڪراچي ۽ نوشهرو فيروزمان پوليس پاران 3 ماڻهو کنڀي گم ڪرڻ خلاف وارثن جا مظاهرا

0

نوشهروفيروز (اي اين اين) نوشهروفيروز جي ڳوٺ لطف پنهور جو رهواسي حبدار علي ولد موريل پنهور 2 ڏينهن اڳ سٽي ڪورٽ ڪراچي ۾ حاضري تي آيل جنهن جو کي سادن ڪپڙن ۾ اهلڪارن ڪورٽ جي احاطي مان زبردستي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي بازيابي لاءِ سندن وارثن ذوالفقار علي پنهور، پياس علي پنهور، محبت علي پنهور، عرفان علي پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته 2 ڏينهن اڳ سٽي ڪورٽ ڪراچي ۾ حاضري تي ويل حبدار علي پنهور کي سول ڪپڙن ۾ ملوث اهلڪارن ڪورٽ جي احاطي مان زبردستي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ اسان ڪراچي جي مختلف ٿاڻن تي ڳولا ڪئي آهي پر سندن ڪٿي به ڏس پتو نه ٿو پوي

هنن چيو ته اسان کي خدشو آهي ته کيس تشدد ڪري ماريو ويندو جيڪڏهن مٿس ڪو ڪيس آهي ته ان کي گرفتار ڪري ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي

هوڏانهن نوشهروفيروز ۾ پوليس پاران کنڀي گم ڪيل پيرسن امام علي ڀنگوار ۽ سندس پٽ حيدر علي کان پوءِ ڪراچي مان گرفتار ڪيل نوجوان نادر علي ڀنگوار جو ڪوبه پتو پئجي نه سگهيوآهي. وارثن پاران 3 ڄڻن کي کنڀڻ خلاف ڀنگوار برادري جي ماڻهن پريس ڪلب اڳيان عزيز ڀنگوار، سرفراز چانڊيو، آڪاش سومرو، علي محمد ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ مظاهرو ڪيو

 اڳواڻن چيو ته اسان جا گهر تڳر روڊ تي واقع آهن جتي رات جي وقت نوشهروفيروز پوليس جي وڏن اٽالن گهر تي چڙهائي ڪرڻ بعد گهرمان ڦرلٽ پڻ ڪئي ۽ بعد ۾ اسان جي هڪ پيرسن امام علي ڀنگوار، حيدر علي ڀنگوار ۽ نادر

.علي ڀنگوار کي کنڀي وئي آهي جن جي گرفتاري پڻ ظاهر نه پئي ڪئي وڃي

About Author

Leave A Reply