ڪامريڊ فاروق راڄپر جي ڇهين ورسي جي مناسبت سان: امداد رند

0

فقير ڪامريڊ فاروق راڄپر ڪو فرشتو نه هو, بلڪه هو هڪ مڪمل انسان هو. گناهن ۽ ثوابن جي مٽي سان ڲوهيل هڪ مڪمل انسان هو هڪ سردار گهراڻي جو لاڏلو رئيس ۽ وڏيرو به هو, پر جڏهن هن علم سان ياري رکي ته علم هن کي صفا جهڪائي وڌو, مولانا رومی فرمايو آهي ته ميويدار ٽاري هميشه جهڪيل هوندي آهي
فاروق صاحب چيهي جي حسين باغن ۽ قدرتي نظارن ۾ پلجي وڏو ٿيو هو. چيهي ۾ فطرت جا حسين نظارا جن ۾ ميون جا خوبصورت باغ جن جا ڪيترا خوبصورت نظارا سنڌي فلمن ۾ به عڪس بند ٿيل آهن, جن ۾ سنڌي فلمن جي نامياري هيروئن چڪوري مورن جهڙا رقص ڪيا
سونهن, لطيف ۽ مڌ فاروق جي سدائين ڪمزوري رهيا آهن پو اها سونهن ڪنهن خوبصورت چھري جي هجي يا ڪنهن خوبصورت نظاري جي
فاروق هڪ گهڻ طرفي شخصيت جو مالڪ هو. پنهنجي فطرت ۾ حسن پرست ۽ عاشق مزاج هجڻ ڪري شاعري سان به تمام گهرو لڲاؤ رکندو هو, بر صغير جي ڪلاسڪ شاعرن ۾ “شاھ لطيف, شيخ اياز, مير تقي، مرزا غالب, علامه اقبال, منير نيازي, احمد فراز, فيض احمد فيض, بلي شاھ، بابا فريد ۽ سچل سائين” جو ڪافي ڪلام هن کي بر زبان ياد هوندو هو
“دل کى چوٹوں نے کهیں چین سے رهنے نه دیا،”
“جب چلى سرد هوا مینے تجهے یاد کیا”
ننڍي هوندي اسان ريلوي ڪالوني لوڪوشيڊ پڊعيدن جي جامع مسجد ۾ سنڌ جي نامياري عالم سائين مولانا حافظ عبدالحد ڀٽو وٽ قرآن شريف پڙهڻ ويندا هئاسين سائين عبدالحد ڀٽو هڪ وڏي علمي, ادبي, سماجي ۽ سياسي شخصيت هئي جنهن سان لوڪوشيڊ پڊعيدن جي جامع مسجد ۾ ڪچهري لأ ڪامريڊ فاروق راڄپر, ڪامريڊ الله بخش, استاد علي اڪبر سومرو ۽ مولانا عزيزالله ٻوهيو تمام گهڻو ايندا هئا
اهي فاروق جي خوبصورت ڀرپور جواني جا ڏينهن هئا, تن ڏينهن ۾ فاروق ڪلين شيو هوندو هو
مسجد جي سامهون هڪ گهاٽي سرنهن جو وڻ هو (جيڪو اڄ به موجود آهي) جنهن جي هيٺان کٽون رکيل هونديون هيون جن جي سيراندي ۽ پيراندي کان نوان ويهاڻا ۽ خوبصورت رليون رکيل هونديون هيون
ڪڏهن ڪڏهن مامو حافظ, فاروق جي سامهون اسانکي دڙڪا ڏئي چوندو هيو ته, ” ڇورا, فاروق صاحب جون ڲالهيون گهڻو غور سان نه ٻڌندا ڪيو نه ته ڪافر ٿي ويندؤ” ۽ فاروق کلندي جواب ڏيندو هيو ته, “سائين اها اسان سان زيادتي ٿا ڪيو, ڇو جو اوهان پاڻ هنن کي سڀني الاهن مان ڇڏائي هڪڙي الله تائين آڻيو ٿا, باقي هڪڙي الله مان ڇڏائڻ ته اسان لائي ڪو مسئلو ئي ناهي
فاروق جي انهن جملن ۽ ٽهڪن جي خوشبؤ سان سڄو ماحول واسجي ويندو هو, پو۶ جيترو مامو حافظ اسان کي فاروق کان پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو اسان اوترو ئي ان کي ويجهو ٿيندا وياسين بقول منير نيازي جي ته،
کج اُنج وى راوان اوکیاسَن،
کج گل وچ غم دا طوق وى سى،
کج شہر دے لوک وى ظالم سَن،
کج سانوں مرن دا شوق وى سى

فاروق جو ڏوھ نه هو پر اسان کي به شوق کنيو بيٺو هو، پو ته ايئن ڀاسندو هو, ڄڻ فاروق صاحب سان اسانجو ساٿ سالن جو نه پر ڪيئي جنمن جو هو. پو ڪڏهن سائين علي اڪبر جو دڪان ته ڪڏهن چيهي ۾ فقير سائين جي مئخاني تي وڏيون ڪچهريون ٿينديون هيون, ۽ انهن ڪچهرين ۾ مختلف علمي ادبي شخصيتن ۽ نون فقيرن سان پڻ ملڻ جو موقعو ملندو ھو ۽ نوان پراڻا دوست به فقير جي آستاني تي گڏ ٿيندا ھئا, جن ۾ ڪامريڊ مرتضا سولنگي, جرمن جو فقير جارج عرف غلام علي, روھڙي جو جنجال فقير, فقير ڪاليداس, لاهور مان ايندڙ موج والا فقير, فقير فيصل اعواڻ, اختر آريجو, مشن فقير, فقير مولي ڏنو راڄپر ۽ ٻيا کوڙ سارا فقير جن جا درشن ٿيندا هئا.
اسان فقير سائين جي ڪچهرين جا موالي ٿي ويا هئاسين, فقير فاروق جي ڪچهري جو انداز بيحد دلچسپ ۽ خوبصورت هوندو هو, هن جي ڲالهائڻ جو ڍنگ تمام گهڻو مٺو ۽ منفرد هوندو هو جو دل چوندي هئي ته فقير سائين ڲالهائيندو رهي ۽ اسين ٻڌندا رهون. هن جي گفتگو ۾ گرو رجنيش جا حوالا, ڪبير ۽ ڀٽائي جا بيت گفتگو کي چار چنڊ لڲائي ڇڏيندا هئا
اڄ جڏهن هو اسان کان گهڻو ڏور هليو ويو آهي, جنهن جي سڌ بقول لطيف جي ڪير به نٿو ڏئي,
“اوريان ئي آڻين ميڙيو معلم خبرون”
“سا, تان سڌ نه ڏين جتي وھ ويڌ ڪري.”

پر سچي ڲالھ اها آهي ته هو پنهنجن حسين پيار ڀرين يادگيرين جي ڪري اسان کي وڌيڪ ويجهو ٿي ويو آهي اڄ به جڏهن اسان فقير جي آستاني تي سندس پيرن ۾ ويهون ٿا ته نه رڲو اسانجي فاروق سان ملاقات ٿئي ٿي پر اسان جي پنهنجو پاڻ سان, پنهنجي ننڍپڻ ۽ جواني سان به ملاقات ٿئي ٿي
فاروق پنهنجي ذات ۾ هڪ بي چين انقلابي, دانشور هو, هن پنهنجي ڀرپور جواني جا ڏينهن ڪميونسٽ پارٽي سان عملي جدوجهد ۾ گذاريا ۽ ان کان پو۶ سائين جي ايم سيد جي مئخاني مان مڌ جا پيالا پيتا ۽ پو قومي تحريڪ ۾ شامل ٿي قومپرست جدوجهد به ڪئي
انهي دوران فاروق صاحب سائين جي ايم سيد سان ڪيئي ڪچهريون ڪيون
فقير فاروق پنهنجي چاهيندڙن جي دلين ۾ زندھ آهي ۽ هميشه رهندو, مان جڏهن به لطيف سرڪار تي حاضري ڀريندو آهيان ته مونکي اڄ به ايئن محسوس ٿيندو آهي ته فقير سائين, لطيف سائين جي آڲر تي موجود آهي ۽ اسان سان گڏ لطيف سائين جي وائي ٻڌي رهيو هوندو آهي, لطيف سائين جي روضي جي سامهون ويٺل فقيرن تنبوري جي تارن کي ڇڪي تنبوري جي سيني تي ڌڪ هڻي هڪ دانهن ڪئي:
“مونکي چاڙهي چيئن, ويو وڻجارو اوهري.”
فجر مهل لطيف سائين جي روضي تي ويٺل هڪ پاريهر ڀڙڪو ڏئي آڪاس ڏانهن اڏاڻو ۽ اڏامندو اڏامندو هڪ نئين روشن ستاري ۾ تبديل ٿي ويو.

About Author

Leave A Reply