ڪئناڊا: ٽورنٽو ۾ سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو، اجرڪ ۽ ٽوپيءَ جا رنگ ڇانئيل رهيا

0

ٽورنٽو/ اسلام آباد(پ ر، اي اين اين) سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ امريڪا (سانا) ڪئناڊا پاران ٽورنٽو ۾ سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو شاندار نموني ملهايو ويو، جنهن ۾ ڪئناڊا جي مختلف شهرن مان سنڌي خاندانن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته اڄوڪو ڏينهن سنڌين لاءِ عيد جهڙو  آهي ۽ سنڌين پري پري کان ڪهي اچي هن قومي ثقافتي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي آهي، جنهن مان سندن سنڌ سان محبت جو ثبوت ملي ٿو

هنن جو چوڻ هو ته ايڪتا واري ڏهاڙي تي ايتري تعداد ۾ ماڻهن جي شرڪت مان اهوسنيهو ملي ٿوته سنڌي پاڻ ۾ جڙي رهيا آهن

ان موقعي ته ورلڊ سنڌي ڪانگريس ڪئناڊا جي آرگنائيزر حاجن ڪلهوڙي چيو ته  ڪئناڊا ۾ رهندي اڄ اسان پنهنجي اجرڪ، ٽوپي ۽ گج پائي سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهيون هي ڏينهن اسان جي لاءِ عيد کان گھٽ نه آهي

A view of Ho Jamalo by Sindhis in Toronto. (ENN)

اڳواڻن تقرير ڪندي وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجي نئين نسل کي ڏيکارڻ چاهيون ٿا ته سنڌي ثقافت ڪيتري ته سگھاري آهي. هنن چيو ته ڪو زمانو هيو ته سنڌي ڳالهائڻ تي پابندي هئي، سنڌ لکڻ جي اجازت نه هئي. انهي جمود کي ٽوڙڻ لاءِ سنڌي شامون ملهائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو. اڄ سنڌين دنيا ۾ ثقافتي ڏينهن ملهائي پنهنجي حيثيت مڃرائي

.آهي جيڪا ڳالهه اسان سڀني لاءِ اتساهيندڙ آهي

 مقررين چيو ته ثقافت جو ڏهاڙو احتجاج به آهي ۽ خوشي جو ڏهاڙو به آهي. هي ڏهاڙو اسان کي متحد ڪري ٿو ۽ هن ڏهاڙي جي حوالي سان اسان دنيا کي اهو ٻڌائينداسون ته سنڌي قوم هزارن سالن کان مهذب رهي آهي ۽ هي جستجو جاري رهڻ گھرجي

ان موقعي تي خطاب ڪندڙن ۾ سانا اڳواڻ ڄام منير، رضوان عيساڻي، حفظه ملڪ، ڪوشي بنساري، نجمہ ميمڻ، معروف صحافي ۽ 100 کان وڌيڪ ڪتابن جي لکاري محمد عثمان ڏيپلائي جي پوٽي خالده ميمڻ،  ربنواز ڳاهو، دليپ

.رتناڻي، شاهد بهراڻي، عبدالمالڪ سومرو ۽ ٻيا شامل هئا

Hajan Kalhoro during Ho Jamalo. (ENN)

تقريب ۾ صدف صديقي قومي گيت ڳائي سڀني کان داد حاصل ڪيو، جڏهن ته سنڌي ٻارڙن خوبصورت ٽيبلوز پيش ڪري پنهنجو پاڻ مڃرايو. پروگرام جي ڪاروائي سانئڻ روحي ڪلهوڙو خوبصورت انداز ۾ سرانجام ڏني

 آخر ۾ هوجمالو جي ڌمال تي جھمريون کيڏي پروگرام جي پڄاڻي ڪئي وئي

About Author

Leave A Reply