چیف آفیسر 5 سيڪڙو سرعام رشوت اوڳاڙي رهيو آھي: ٺيڪيدارن جو احتجاج

0

نوشھروفيروز(ای این این ایس)
ضلع ڪائونسل جي ٺيڪيدارن پاران ضلعي ڪائونسل جي ڇيف آفيسر خلاف سندس آفيس آڏو احتجاجي مظاھرو ڪرڻ بعد ڌرڻو ھنيو ویو
ان موقعي تي ٺيڪيدارن محمد ياسين چانڊيو، غلام مصطفي ملاح، توفيق احمد ڏيٿو، پيار علي تڳر، قربان علي تڳر، بخشل خان مشوري، سيد رکيل شاھ، الله ڏنو عمراڻي، سيد آڪاش علي شاھ ۽ ٻين چيو تہ جنهن ڏينهن کان ضلعي ڪائونسل آفيس نوشھروفيروز ۾ فيض محمد شيخ کي چيف آفيسر مقرر ڪيو ويو آھي, ان ڏينھن کان ٺيڪيدارن کي مختلف طريقن سان تنگ ڪيو پيو وڃي
سي او آفيس ۾ رشوت جي بازار گرم ڪري ڇڏي آھي ٺيڪيدارن کان هر فائيل سان گڏ 5 سيڪڙو جي حساب سان سرعام رشوت اوڳاڙي رهيو آھي. رشوت نه ڏيندڙ ٺيڪيدارن کي بلاجواز بلن جي لاءِ رلايو ٿو وڃي

هنن چيو ته چيف آفيسر ٺيڪيدارن جي زندگي عذاب ڪري ڇڏي آھي، سندس ظلم خلاف آواز اٿاريندڙن کي ڌمڪائيندي چيو ٿو ته مان مٿي پيسا ڏئي هتي مقرر ٿيو آھيان مون کي ڪير به هٽائي نٿو سگهي. هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته ضلع ڪائونسل جي چيف آفيسر کي هٽائي ايماندار آفيسر مقرر ڪري ٺيڪيدارن ۾ وڌي ويل بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

About Author

Leave A Reply