چيف جسٽس جا احسان مند آهيون”، مورو جا هندو باگڙي عورتن ۽ ٻارڙن سميت رستن تي نڪري آيا”

0

مورو(اختر لغاري وٽان) مورو ۾ باگڙي برادري پاران جي چيف جسٽس سنڌ طرفان پوليس ڏاڍ خلاف سندن سهائتا ڪرڻ تي شڪريه ادائي طور ريلي ڪڍي وئي جنھن ۾ مردن عورتن ۽  ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

ريلي شھر جي مختلف ھنڌن کان ٿيندي مورو پريس ڪلب پھتي جتي باگڙي برادري جي اڳواڻن وزير داس باگڙي، سڪندر باگڙي، کيئلداس باگڙي، ديوان باگڙي، رام ھري چند، روپ چند، ونجاري، خان زادي، بيبان ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ڪجھ ڏينھن اڳ ميوي باگڙي قتل ڪئي وئي ھئي جنھن کان پوءِ انصاف لاءِ باگڙي برادري پاران ڪيل احتجاج ۽ ڌرڻن خلاف پوليس جي ايڪشن سبب باگڙي برادري  تي ڪيس داخل ڪيا ويا گرفتاريون ڪيون ويون

.۽ گھرن مان لٽ مار ڪئي وئي

 چيف جسٽس سنڌ جسٽس احمد علي شيخ پاڻمرادو نوٽيس وٺندي باگڙي برادري سان انصاف ڪندي ٿيل زيادتي جو ازالو ڪيو ۽ قانوني طريقي سان سندن مدد ڪئي. پوليس طرفان کڻي ويل سامان واپس ڪرڻ جو سلسلو پڻ جاري آھي، بيگناه گرفتار ماڻھن جي آزادي جو سلسلو پڻ ھلي پيو ۽ داخل ڪيس پڻ ختم ڪرڻ جو يقين ڏياريو ويو آهي

SSP Naushahro Feroze Amjad Shaikh is being greeted by citizens in Moro. (ENNS)

هنن جو چوڻ هوته اسان چيف جسٽس جناب احمد علي شيخ جا بيحد شڪر گذار آھيون  جن اسان جي سنڀال ڪري

  مدد ڪئي ۽ ظلم کان نجات ڏياري سامان واپس ڏياريو ۽ انصاف ڪرڻ جو يقين ڏياريو جنھن ڪري باگڙي برادري ۾ خوشي جي لھر ڇانئيل آھي

اڳواڻن اميد ظاهر ڪئي ته باقي رھيل مسئلا مڪمل طور تي حل ڪيا ويندا ۽ قتل واري واقعي جي حقيقي جاچ ٿيندي ۽ اصل قاتل گرفتار ٿيندا

هوڏانهن ايس ايس پي امجد شيخ پاران عملي قدم کڻڻ تي جڏهن هو مورو شهر پهتو ته ماڻهن کيس مبارڪ ڏيندي گلن

.جي ورکا سان گڏ اجرڪ ۽ ٽوپي جا تحفا ڏنا. هن يقين ڏياريو ته باگڙين سان انصاف ٿيندو

About Author

Leave A Reply