چورن جو ايس ايس پي نوشھرو فيروز کي چيلنج، وچ شھر مان چوري

0

 نوشھروفيرو(اي اين اين ايس)
وانا ۽ شڪارپور ۾ ڌاڙيلن سان مھاڏو اٽڪائڻ جا اعلان ڪندڙ ايس ايس پي نوشھرو فيروز کي للڪاريندي چور وچ شھر جي مين روڊ تي قائم سماجي شخصيت عبدالشڪور عباسي جي پاور سوليوشن دڪان جا ٻه تالا ڀڃي 15 کان وڌيڪ بيٽريون ۽ روڪ رقم کڻي ويا۔
سي سي ٽي وي ۾ ھڪ چور واضح نظر اچي رھيو آھي ۽ واردات رات جو 10:30 بجي ان وقت ڪئي آھي جنھن وقت پوليس ۽ چوڪيدار روڊ تي موجود ھيا۔
واضح رھي ته ھن کان اڳ به شھر مان چوريون ٿي چڪيون آھن۔

About Author

Leave A Reply