ڄامشورو ٽول پلازا عملی خلاف ڪيس داخل

0

ڄامشورو(رپورٽ: حاڪم چانڊيو) ڄامشوري ۾ موٽر وي ايم 9 تي قائم ڄامشوري واري ٽول پلازا جي عملي پاران ڄامشورو ڊسٽرڪٽ سيشن جج جي اسڪواڊ سان بدتميزي ڪرڻ ۽ ڄامشورو ٿاڻي جي اھلڪارن کي مارڪٽ ڪرڻ ۽ کانئن سرڪاري ھٿيار ۽ موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ وارو مامرو ختم ٿيڻ بجاء وڌي ويو آهيـ رات جو دير سان ايس ايس پي ڄامشورو توقير محمد نعيم جي هدايتن تي ٽول پلازا جي انچارج سوڌو عملي جي 25 کان 30 ماڻهن خلاف ڄامشورو ٿاڻي تي ڊيوٽي اٽڪاء ـ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۽ ڦر ڪرڻ سوڌو ٻين قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي, 2 ڏينهن اڳ ايف ڊبليو او عملدارن سيشن جج جي گاڏي کي روڪڻ ۽ پوليس سان جهيڙي وارو معامري جو ڪيس سرڪار طرفان ڄامشورو ٿاڻي تي ايس ايڇ او ايس آء پي اشفاق احمد منگي جي فرياد تي گناهه نمبر 128/2019 تي قلم 353ـ 398 ـ 504 ـ 147 ـ 148ـ 149 تحت 25 کان 30 نامعلومن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي داخل فرياد ۾ جج جو ذڪر ڪرڻ بجاء ان جي اسڪواڊ موبائيل انچارج اي ايس آء نظام الدين جي طرفان ٽول عملي پاران مسافرن ۽ سندن کي پريشان ڪرڻ جي شڪايت جو حوالو ڏنو ويو آهي پوليس کي شڪايت جو ذڪري ڪندي ايس ايڇ او ڄامشورو اشفاق احمد منگي موجب ايم نائن موٽروي ٽول عملو ماڻھن سان بدتميزي ڪرڻ عوامي شڪايتن تي ٽول پلازا جي ملازمن سان ڳالهائڻ وياسين ته ٽول جي ملازمن پوليس سان جهيڙو ڪيو ـ پوليس اھلڪارن کان ھٿيار ڦر ڪرڻ ۽ پوليس جوان علي گل کي زخمي ڪرڻ جي قلمن تحت ٽول پلازا عملي مٿان ڄامشورو ٿاڻي تي پوليس کان هٿيار ڦر ڪرڻ ڊيوٽي اٽڪاء جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري نامعلوم تي ڪيس داخل ڪيو آھي قانون هٿ ۾ کڻندڙن خلاف ايس ايس پي ڄامشورو توقير محمد نعيم جي هدايتن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي سڃاڻپ ٿيڻ بعد جلد گرفتاريون ڪيون وينديون.
ٻئي طرف ذريعن موجب واقعي ۾ ملوث ٽول پلازا جي انچارج سوڌو سموري عملي کي رات جي اونداھي ۾ ٽول پلازا تان هٽايو ويو آھي.

About Author

Leave A Reply