ڀريا پوليس هٿان مقابلي ۾ ماريل نوجوان جي والد پاران احتجاج جاري

0

نوشھروفيروز(اي اين اين)ڀريا پوليس هٿان گهر مان گرفتار ڪري مبينه ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيل شاگرد شفيق سولنگي جي پيرسن والد خان محمد سولنگي جو پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان احتجاج جاري آهي

خان محمد سولنگي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ڀرياسٽي پوليس سندس نوجوان پٽ شفيق سولنگي کي 18 مھينا اڳ گهر مان گرفتار ڪري ان کي ڪوڙو مقابلو ڏيکاري قتل ڪري ڇڏيو هيو

پوليس اھلڪارن خلاف ڪورٽ سڳوري جي وسيلي  ايف آ۽ آر داخل ھجڻ باوجود ھنن کي گرفتا نٿو ڪيو وڃي. هن مطالبو ڪيو ته سندس پٽ شفيق سولنگي جي قاتل ايس ايڇ او عبدالله اعواڻ، موسيٰ سولنگي ۽ سندس ساٿي

.اهلڪارن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي

About Author

Leave A Reply