پڊعيدن: صحافی جی قتل ۾ ملوث هڪ جوابدار گرفتار، چيئرمین نامزد

0

 نوشهرو فیروز(خادم سیال وٽان) پڊعيدن ۾ بيدردي سان قتل ٿيل صحافي علي شير راڄپر سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي، قتل جي ايف آءِ آر ٽائون ڪاميٽي پڊعيدن چيئرمين سميت ڇهن ڄڻن خلاف داخل، هڪ جوابدار گرفتار، ضلعي نوشهروفيروز ۾ ڀرپور احتجاج، سمورن جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ جي گهر

خبر موجب پڊعيدن شهر ۾ قتل ٿي ويل پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري ۽ عوامي آواز جي رپورٽر علي شير راڄپر جي جنازي نماز سندس ڳوٺ محمد صالح راڄپر ۾ ٿي جنهن ۾ سوين شهرين، صحافين، عزيزن شرڪت ڪئي نهايت ئي آهن ۽ سسڪين سان شهيد صحافي کي ابائي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو

جنازي نماز کان پوءِ سوين مڇريل صحافين ۽ ڳوٺاڻن جلالجي چوپدڳي وٽ مهراڻ هاءِ وي کي بلاڪ ڪري سخت نعريبازي ڪئي ۽ نٽهڻ ۾ انصاف لاءِ ڌرڻو هنيو. اهڙي طرح پريس ڪلب نوشهروفيروز، مٺياڻي، پڊعيدن، ڀريا سٽي، ڀرياروڊ، ٺاروشاهه، ڦل، درياخان مري سميت ضلعي نوشهروفيروز جي ننڍن وڏن شهرن ۾ قتل خلاف صحافين پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

هوڏانهن پڊعيدن جي شھيد صحافي علي شير راڄپر جي قتل جو ڪيس ٽائون ڪاميٽي چيئرمين شڪيل احمد راڄپر، حبيب راڄپر، غلام علي راڄپر، نظر محمد ۽ ٻن نامعلوم ماڻهن مٿان مقتول جي ڀاءُ دائود راڄپر جي فرياد تي گناهه نمبر 2019/77 پي ايس پڊعيدن قلم 302،337،109، 147، 148، 149، 7 اي ٽي اي تحت داخل ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب چئن جوابدارن مان هڪ جوابدار حبيب راڄپر صبح ڌاري پاڻ مرادو گرفتاري پيش ڪئي هئي جڏھن ته باقي جوابدار گھر ڇڏي فرار ٿي ويا آھن

مقتول صحافي جي والد محمد اقبال ڀاءُ دائود راڄپر ۽ ٻين وارثن ٻڌايو ته نوجوان علي شير کي بيگناه قتل ڪري ساڻن ظلم ڪيو ويو آھي ۽ ايف آءِ آر ۾ ڏنل جوابدارن پاران کين مسلسل ڌمڪيون ملنديون هيون. هنن چيو ته صحافي علي شير راڄپر پڊعيدن ٽائون ۾ گندگي ۽ ٻين مسئلن تي پنهنجي اخبار عوامي آواز ۾ خبرون هلايون هيون جنهن تي

.چيئرمين ٽائون ڪاميٽي شڪيل راڄپر ۽ سندس ساةی ناراض هئا ۽ کين مسلسل ڌمڪايو ويندو هو

About Author

Leave A Reply