پي ايس پي سنڌ جي ورهاڱي جو سوچي به نٿي سگهي، حڪمران، پارٽي وابستگين کان مٿانهان ٿي عوام جي خدمت ڪن: انيس قائمخاني، اشفاق احمد منگي

0

مورو (رپورٽ: اختر لغاري) مورو ۾ پاڪ سرزمين پارٽي (پي ايس پي) جي مرڪزي اڳواڻن انيس قائم خاني، اشفاق احمد منگي، شبير قائم خاني ۽ ٻين مورو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ ڌرتي پيرن فقيرن اوليائن درويشن جي مقدس سرزمين آهي ملڪ ٺهڻ وقت سنڌين جيڪو اسان جي وڏڙن جو آڌر ڀاءُ ڪيو هو ۽ پنهنجي جيُ ۾ جايون ڏنيون ان جو مثال نٿو ملي

هنن چيو ته اسان سنڌي آهيون هي ڌرتي اسان جي لاءِ مقدس آهي پي ايس پي سنڌ جي ورهاڱي جو تصور به نه ٿي ڪري سگهي اسان ملڪ قوم، سنڌ ۽ عوام جي بھتري لاءِ جدوجھد ڪري رھيا آھيون. اسان وفاق تي مڪمل يقين رکون ٿا لسانيت اسان وٽ ناھي

هنن چيو ته اسان سنڌ جي دوري تي شاه عبدالطيف ڀٽائي جي مزار کان چادر چاڙهي نڪتا آهيون سنڌ جي ماڻهن اسان جي ڀرپور آجيان ڪئي آهي هي پارٽي مهاجرن يا اردو ڳالهائڻ وارن جي ناهي, سڀني ٻولين ڳالهائيندڙن جي پارٽي آهي جيڪا وفاق ۽ سنڌ  تي اعتماد ڪري ٿي

هنن چيو ته وزير اعظم عمران خان پي ٽي آئي جو چيئرمين ٿيڻ جي بجائي وزير اعظم ٿي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري مهانگائي کي ختم ڪري. هن چيو ته سيد مراد علي شاهه پي پي پي جو ٿيڻ جي بجائي سنڌ جو وڏو وزير ٿي سنڌ جي طرقي تعمير جي بهتري لاءِ ڪم ڪري ۽ ڪرپشن جو خاتمو ڪرائي

هنن چيو ته ايندڙ حڪومت پي ايس پي جي ايندي ۽ اسان اقتدار ۾ اچي سنڌ جي خدمت جو تاريخي مثال قائم ڪنداسين. ھنن چيو ته اسان غريب عوام جي حڪمراني چاھيون ٿا ته جيئن غريب عوام جا مسئلا ۽ مشڪلاتون حل ٿين دھشتگردي لسانيت واري سياست اسان ختم ڪرائي ڇڏي آھي ۽ ڪراچي جون روشنيون ٻيھر بحال ڪرايون آھن

ان موقعي تي پي ايس پي ضلع نوشهرو فيروز جي اڳواڻ ڪوڙو خان لنجار، پي ايس پي جي مرڪزي اڳواڻن کي دانھن ڏيندي چيو ته “مان مورو پي ايس 23  تي پي ايس پي جي ٽڪيٽ تي اليڪشن ۾ وڏيرن جي مقابلي ۾ بيٺو هئس جنهن ڪري وڏيرا پوليس ۽ انتظاميه منهنجي خلاف انتقامي ڪارروايون ڪري رهيا آهن ۽ گهرن تي حمله ڪرائي مون تي ڪوڙا ڪيس ڪرائي رهيا آهن ۽ اسان جي ڳوٺ ۾ جهيڙا ڪرائي جاني ۽  مالي نقصان ڪرائي رهيا آهن“

پي ايس پي جي مرڪزي اڳواڻن چيو ته اهو عمل برداشت نه ڪيو ويندو، پوليس ۽ انتظاميه ڪمداري وارو ڪردار ادا نه ڪري وڏيرا جاگيردار سرمائيدار غريب ماڻهن سان زيادتيون ۽ ظلم کان پاسو ڪن، اسان ڪوڙو خان لنجار سان گڏ آهيون

 ان کان اڳ مورو پريس ڪلب ۾ پي ايس پي جي مرڪزي اڳواڻن جي پهچڻ تي ڪارڪنن سندن استقبال ڪري ۽ گلن جي ورکا ڪئي، جڏهن ته مورو پريس ڪلب جي صدر سومر خان سولنگي آيل مهمانن جو آڌر ڀاءُ ڪري پاڻ ۽ ٻين صحافين سنڌ جي سوکڙي ٽوپي ۽ اجرڪ پارايا

ان موقعي تي رياست قائمخاني، سيد ڪاظم علي شاھ، ڪليم شاھ ۽ ٻيا اڳواڻ ۽ ڪارڪن پڻ موجود هئا

About Author

Leave A Reply