پيراميڊيڪل اسٽاف جو مطالبن جي مڃتا لا۶ احتجاج

0

(نوشھرو فيروز (ای این این
جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي سنڌ پاران پيراميڊيڪل اسٽاف جي مطالبن جي مڃتا لا۶ جاري احتجاج جي سلسلي ۾ ضلعي نوشھرو فيروز ۾ پاڪستان پيراميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن پاران سول اسپتال ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو
ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن حاجي اشرف قريشي، سعود ٻوھيو امداد سولنگي، راھب تڳر، لالا موسيٰ خان، حزب الله راڄپر ۽ ٻين حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪيو ته جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي سنڌ پاران پيش ڪيل چارٽر آف ڊيمانڊ مطابق پيراميڊيڪل اسٽاف جا مطالبا منظور ڪيا وڃن
ان موقعي تي پي ايم اي جي اڳواڻن ڊي ايڇ او نوشھروفيروز ڊاڪٽر نثار احمد عباسي، ڊاڪٽر سعيد احمد جلباڻي، ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ سھتو، ڊاڪٽر عارف ٻوھيو سول سرجن ڊاڪٽر عبدالله تنيو، ڊاڪٽر اسود اسلم ڪوريجو احتجاجي ڪئمپ تي پھچي پيراميڊيڪل اسٽاف جي احتجاجي تحريڪ جي حمايت جو اعلان ڪيو

About Author

Leave A Reply