پسند جو پرڻو ڪندڙ ڀان سعيد آباد ۽ مٺياڻي جو جوڙو تحفظ لاءِ پريس ڪلب پهچي ويو

0

مٺياڻي (اي این این ایس)پسند جو پرڻو ڪندڙ ڀان سعيدآباد ۽ مٺياڻي جو جوڙو تحفظ لاءِ مٺياڻي پريس ڪلب پهچي ويو. ڀان سعيد آباد جي رهواسڻ پسند جو پرڻو ڪندڙ شهربانو کوسو ۽ مٺياڻي واسي 25 ساله وڪيل سولنگي تحفظ لاءِ پريس ڪلب مٺياڻي ۾ پهچي دانهيو ته اسان حيدراباد ۾ پسند جو پرڻو ڪيو آهي، جنهن بعد اسان جا مائٽ گڏيل طور اسان جا دشمن بڻجي ويا آهن
ڀان سعيد آباد جي رهواسڻ شهربانو کوسو وڌيڪ دانهيدي چيو ته سندس والد، ڀائر ۽ ٻيا عزيز غلام حيدر، يعقوب، رشيد ۽ شير علي کوسو ٿاڻن تي اغوا سميت ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن
هنن آخر ۾ چيف جسٽس سنڌهاء ڪورٽ، آء جي سنڌ، ايس ايس پي نوشهروفيروز، ايس ايس پي دادو
سميت سڀني وس وارن کي کين تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ سندن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪندڙ ۽ قتل جون ڌ مڪيون ڏيندڙن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي

About Author

Leave A Reply