ٽنڊو محمد خان: غريبن ۾ راشن ورهايو ويو

0

(ٽنڊومحمدخان ( اي اين اين ايس

ٽنڊو محمد خان ۾  سماجي تنظيم راهه منزل ۽ عضر محمود پاران شهر جي مختلف اسپتالن ۾ ايندڙ مريضن سان گڏ مسافرن، شهرين روزيدارن لاءِ پهرين روزي کان وٺي افطاري جو بندوبست ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ شهر جي مختلف ڳوٺن کان ايندڙ مسافرن توڙي اسپتالن ۾ رهندڙ مريضن سان گڏ وارثن کي هر روز افطار ڪرائي ويندي آهي

انهيءَ موقعي تي راهه منزل جي صدر مهوش خان، دانش خلجي، شهباز ملڪ، پير جمال سرهندي، پير اسامه سرهندي، ڪاشف قريشي ، انيڪ احمد قريشي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته نيڪي جي جذبي سان اسان سڀني کي گڏ ٿيڻ جي

.ضرورت آهي. حڪومت کي به گهرجي ته اهڙيون ڪئمپون لڳائي مانهن جي سهائتا ڪئي وڃي

About Author

Leave A Reply