ٽنڊو محمدخان: پي پي اڳواڻن پاران ارباب رحيم جي موجودگيءَ ۾ جي ڊي اي اميدوارن جي حمايت جو اعلان

0

 ٽنڊو محمد خان (اي اين اين ايس)اڳوڻي وڏي وزير ۽ جي ڊي اي اڳواڻ ارباب غلام رحيم جي موجودگي ۾ پيپلزپارٽي جا يوسي چيئرمين ۽ اڳواڻن جي ڊي اي اميدوارن جي حمايت جو اعلان ڪندي پ پ کي الوداع ڪري ڇڏيو آهي

ان موقعي تي ارباب غلام رحيم چيو ته پيپلزپارٽي جا اميدوار سندن ڏهن سالن جي خراب ڪارڪردگي جي ڪري عوام جي ڪاوڙ سبب ڊنل آهن. جنهن ۾ عوام تي اعتبار ڪرڻ بجاءِ پي پي مخالفن کي پنهنجي پارٽي ۾ شامل ڪري ٽڪيٽون ڏيڻ تي مجبور آهي

اهڙو اظهار هن ٽنڊو محمد خان ۾ ٽالپرن جي رهائشگاهه تي مختلف عوامي نمائندن جي جي ڊي اي ۾ شموليت دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿي رهيون آهن پر پيپلزپارٽي چونڊن ۾ ناڪامي محسوس ڪري اسان جي حمايتي اميدوارن کي پيپلزپارٽي ۾ شامل ڪري رهي آهي

هاڻي سنڌ جو عوام ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين سنڌ جي اندر ڪرپشن جو خاتمو آڻي تبديلي چاهي ٿو، ڏهن سالن جي ڊگهي اقتدار ۾ پيپلزپارٽي سنڌ جي عوام کي بک بيروزگاري، بدحالي، ڪرپشن، بدامني تحفي ۾ ڏني آهي

سنڌ صوبي ۾ جي ڊي اي جا اميدوار پيپلزپارٽي سان قومي ۽ صوبائي سيٽن تي مقابلو ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ پي پي مخالف پارٽين سان اليڪشن اتحاد لاءِ به ڳالهين جو مرحلو جاري آهي. تحريڪ انصاف توڙي ٻين قومي پارٽين سان سيٽ ايڊجسٽمنٽ به ٿي سگهي ٿي

انهيءَ موقعي تي ٽنڊو محمد خان ۾ قومي تڪ 228 تي جي ڊي اي جي نامزد اميدوار مير علي نواز ٽالپر، صوبائي تڪ 68 جي اميدوار مير سجاد علي ٽالپر ۽ صوبائي تڪ 69 تي عبدالرحيم ڪاتيار جي حمايت ۾ يونين ڪائونسل شيخ فريد جي چيئرمين ڪمال نوناري، ضلعي ڪائونسل جو ميمبر انور خاصخيلي، مير فرقان ٽالپر، پي پي اڳواڻ مير خالد ٽالپر، سردار محمد خان کوسو، ضلعي ڪائونسل جو اڳوڻو ميمبر حاجي صديق سمون،  پير مختيار حسين شاهه، حاجي عبدالڪريم بلوچ، مير سرفراز ٽالپر، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مير نسيم ٽالپر، ڪامريڊ اسماعيل وساڻ، عبدالغفور رامليو ۽ ٻين اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم جي موجودگي ۾ پيپلزپارٽي سان سياسي وابسطگي ختم ڪري جي ڊي اي جي اميدوارن جي حمايت جو اعلان ڪيو

About Author

Leave A Reply