وڏي لائبريري ڏيو: مٺياڻي ۾ شھرين جو مظاهرو

0

نوشھرو فيروز/مٺياڻي (اي اين اين ايس) مٺياڻي شهر ۾ لائبريري نہ ھجن خلاف شھرين پرامن احتجاج ڪيو. انھن جو چوڻ هو تہ اسان جي مٺياڻيء جي ھڪ لک آبادي ھئڻ باوجود بہ اسان جي شھر ۾ لائبريري نہ آهي. ھتان جي شاگردن کي تعليم جي سخت ضرورت پڻ آهي
شاگردن جو چوڻ آهي تہ اسان کي مٺياڻي ۾ ڪشادي لائبريري ٺھرائي ڏني وڃي، جيستائين اسان کي لائبريري نہ ٺاھي ڏني ويندي تيستائين اسان جو ھر ھفتي احتجاج جاري رهندو. انھن اختيارين ۽ سي ايم سنڌ سيد مراد علي شاه تعليم جي وزير ۽ چونڊيل نمائندن کا گذارش ڪئي آھي تہ اسان کي جلد کان جلد لائبريري ٺاھي ڏني وڃي، تہ جيئن اسان ۽ اسان جي شھر ۽ ڳوٺن جا شاگرد ڪجھ تعليم حاصل ڪري سگهن
ان موقعي تي حبيب مشوري، فياض شيخ، شھزاد ملڪ، رحمان سولنگي، زيشان چانڊيو، نبي بخش مستوئي، شڪيل ڇڄڙو، معراج منگي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

About Author

Leave A Reply