وفاقی بجيٽ:حڪومت ۽ مخالف ڌر جا روایتی نعرا، مهانگا‌‌ئي اٹٽر

0

اسلام آباد (ای این این) وفاقي حڪومت مالي سال 20-2019 لاءِ  70 کرب 22 ارب رپين جو بجيٽ پيش ڪري ڇڏيو، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو ۽ آفيسرن جي پگهارن ۾ 5 سيڪڙو اضافو ٿيندو، کنڊ، تيل، گيهه، سي اين جي، سگريٽ، شربت، کير واري پائوڊر سميت ٻيون شيون مهانگيون ٿي ويون، مخالف ڌر پاران احتجاج ڪندي سخت نعريبازي ڪئي وئي.

قومي اسيمبليءَ ۾ بجيٽ اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾  مخالف ڌر جي ميمبرن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي شرڪت ڪئي.

روينيو واري مملڪتي وزير حماد اظهر نئين مالي سال 20-2019ع جو بجيٽ پيش ڪيو.

بجيٽ تقرير ڪندي مملڪتي وزير حماد اظهر ٻڌايو ته نئين مالي سال جي بجيٽ 70 کرب 22 ارب رپيا هوندي، جيڪا گذريل بجيٽ کان 39 سيڪڙو وڌيڪ آهي، ان ۾ گڏيل وسيلن جي لاڳت 7 هزار 899 ارب آهي، جيڪا گذريل سال 4 هزار 917 ارب هئي، جڏهن ته بجيٽ جو ٽوٽل خسارو 3170 ارب رپيا هوندي.

حماد اظهر جو چوڻ هو ته ٽيڪسن مان ڪل وصولي جو ڪاٿو 5 هزار 550 ارب رپيا آهي، نجڪاري عمل سان 2 ارب ڊالر ۽ فون لائسنس سان هڪ ارب ڊالر جي آمدني جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي.

نئين مالي سال ۾ سول حڪومت جي بجيٽ 23 ارب گهٽائي 460 ارب رپيا ڪئي وئي آهي، جڏهن ته فوجي بجيٽ 1150 ارب جي گذريل سطح تي برقرار رهندي،

هن چيو ته حڪومت جي بجيٽ خساري کي پورو ڪرڻ لاءِ اسٽيٽ بئنڪ کان قرض وٺڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

سندس چوڻ هو ته اسٽيٽ بئنڪ کي به مالياتي پاليسي ۾ وڏي خودمختياري ڏني ويندي، اين ايف سي ايوارڊ مان صوبن کي 3255 ارب ملندا.

اين ايف سي ايوارڊ تحت پنجاب لاءِ 16 سئو 11 ارب رپيا حصو مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سنڌ لاءِ 8 سئو 14 ارب رپيا حصو رکیو ويو آهي.

خيبرپختونخواهه جو حصو 535 ارب 26 ڪروڙ رپيا رکيو ويو آهي، جڏهن ته بلوچستان  لاءِ 294 ارب 98 ڪروڙ رپيا  رکيا ويا آهن، جڏهن ته ڪي پي ۾ ضم ٿيل قبائلي علائقن لاءِ 152 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

هن چيو ته گهرن جي منصوبن لاءِ 100 ارب رپيا، زرعي ترقي لاءِ 12 ارب رپيا ، زرعي شعبي لاءِ 280 ارب رپين جي لاڳت سان 5 سالن جو منصوبو جوڙيو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته بجليءَ جا 300 يونٽ ماهوار استعمال ڪندڙن لاءِ 200 ارب جي سبسڊي هوندي، صنعتي بجلي تي به 40 ارب جي سبسڊي هوندي، احساس ڪفالت پروگرام سان 10 لک ماڻهن کي راشن ڪارڊ جڏهن ته 80 هزار ماڻهن کي بنا وياج جي قرض ڏنا ويندا.

مملڪتي وزير چيو ته بي آءِ ايس پي اسڪيم مان تعليم حاصل ڪندڙ ٻارن لاءِ سهولت جو دائرو 50 ضلعن کان وڌائي 100 ضلعن تائين ڪيو ويندو.

هن چيو ته گريڊ هڪ کان 16 تائين ملازمن جي پگهار 10 سيڪڙو، گريڊ 20 تائين تائين جي آفيسرن جي 5 سيڪڙو وڌندو، گريڊ 21 ۽ 22 جي آفيسرن جي پگهار ساڳي ئي رهندي.

سندس چوڻ هو ته سول ۽ فوجي پينشن ۾ 10 سيڪڙو اضافو ٿيندو، مزدور جو گهٽ ۾ گهٽ اجورو اڍائي هزار وڌائيندي ساڍا 17 هزار رپيا ڪيو ويو آهي.

مملڪتي وزير حماد اظهر جو چوڻ هو ته اسپيشل سيڪريٽرين جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو اضافو ٿيندو، جڏهن ته وزيرن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي ٿيندي.

هن چيو ته معذور ملازمن جي الائونس ۾ هڪ هزار رپين جي واڌ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ  هاڻي هو ٻه هزار رپيا الائونس کڻندا.

سندس چوڻ هو ته قرضن تي وياج ادا ڪرڻ لاءِ 25 سئو ارب رپين کان وڌيڪ رقم رکي وئي.

وفاقي حڪومت پاران ٽيڪس اوڳاڙيءَ جو حدف 5 هزار 5 سئو ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، ست سئو 60 ارب رپين کان وڌيڪ نيون ٽيڪسون لڳايون ويون، جڏهن ته ٽيڪس اوڳاڙين ۾ 14 سئو ارب رپين جو اندازو لڳايو ويو.

هن چيو ته حڪومت پاران بنا نالي ملڪيت رکندڙن خلاف ڪارروائيءَ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، مني لانڊرنگ روڪڻ لاءِ نئون نظام آندو ويندو، جڏهن ته نان فائلرز انڊسٽريل ۽ ڪمرشل صارفين تي انڪم ٽيڪس ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.

سندس چوڻ هو ته سالياني 6 لکن کان گهٽ آمدني رکندڙ انڪم ٽيڪس کان آجا هوندي، سالياني 6 کان 8 لک تائين آمدني رکندڙن کي 2 هزار ٽيڪس ڏيڻي پوندي.

نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ زرعي ترقيءَ جو حدف 3 ڏهائي 5 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آهي، صنعتن جي ترقيءَ جو حدف 2 ڏهائي 3 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته خدمتن جي شعبي لاءِ حدف 4 ڏهائي 8 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو.

نئين مالي سال ۾ برآمد جو حدف 26 ارب 18 ڪروڙ ڊالر رکيو ويو، ايندڙ سال لاءِ واپاري خسارو 27 ارب 47 ڪروڙ ڊالر رهڻ جو خدشو آهي.

بجيت ۾ آءِ ٽي جي برآمد جو حدف 4 ارب ڊالر مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٿري، فور ۽ فائيو جي ڪنيڪشنز جو حدف 7 ڪروڙ مقرر ڪيو ويو آهي.

* نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ ڪيترين ئي شين جي رٽيل قيمت تي سيلز ٽيڪس لاڳو ڪئي وئي،  جنهن تحت کنڊ، تيل، گيهه، شربت، سگريٽ، کير وارو پائوڊر، سي اين جي سميت ٻيون شيون مهانگيون ٿي ويون.

بجيٽ ۾ سگريٽن تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي، سگريٽ جي پيڪيٽ تي 10 رپين جي اضافي صحت ٽيڪس لاڳو ڪئي وئي آهي.

وفاقي بجيٽ ۾ فليورڊ جوس ۽ شربت تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي، جڏهن ته اڍائي سئو ملي لٽر واري ڪولڊ ڊرنڪ جي بوتل تي رپيو هيلٿ ٽيڪس لڳائي وئي آهي.

چڪن، مٽن، بيف ۽ مڇي مان ٺهندڙ شين تي 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳائي وئي آهي، کنڊ تي سيلز ٽيڪس 8 سيڪڙو مان وڌائي 17 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

وفاقي سرڪار سي اين جي به مهانگي ڪري ڇڏي،  پولٽري ۽ اليڪٽرانڪ سميت درجنين شين تي ٽيڪس ۽ ڊيوٽي ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.

پولٽري جي شين تي درآمدي ڊيوٽي 22 مان وڌائي 50 سيڪڙو ڪئي وئي، کير ۽ وي پائوڊر تي درآمدي ڊيوٽي 47 مان وڌائي 67 سيڪڙو ڪئي وئي، مڇين جي بيضن جي درآمد تي ڪسٽم ۽ سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ ڏني وئي آهي.

نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ اليڪٽرانڪ جي شين ۽ هوم اپلائنسز تي ڊيوٽيءَ ۾ واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي، ريفريجريٽر ۽ ايئر ڪنڊيشنڊ تي ڊيوٽيءَ ۾ اضافي جي تجويز ڏني آهي.

وفاقي حڪومت پاران موبائل فونو ٻاهران گهرائڻ تي 3 سيڪڙو ويليو ايڊيشن ٽيڪس ختم ڪئي وئي آهي، جڏهن ته لگزري شين جي درآمد تي ڊيوٽي 3 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

وفاقي حڪومت پاران گاڏيون پڻ مهانگيون ڪيون ويون آهن، جنهن تحت 17 سئو سي سي وارين گاڏين تي 10 سيڪڙو فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لڳائي وئي آهي، هڪ هزار سي سي جي گاڏين تي اڍائي سيڪڙو فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لڳائي وئي آهي.

وفاقي حڪومت پاران ڀاڻ جي اگهن ۾ گهٽتائيءَ جي تجويز ڏني وئي آهي، ڀاڻ جي في ٻوري 533 رپيا سستي ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

فرٽيلائيزر انڊسٽريءَ لاءِ جي آءِ ڊي سي ختم ۽ گيس سستي ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني وئي آهي.

ايف بي آر پاران بيوٽي پارلرن کان به انڪم ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

فيڊرل بورڊ آف روينيو ڪراچيءَ ۾ 500 بيوٽي پارلرن جي نشاندهي ڪري ورتي آهي.

وفاقي حڪومت پاران ڪمرشل ۽ انڊسٽريل بجلي صارفين تي سيلز ٽيڪس جي شرح ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.

ڪمرشل انڊسٽريل صارفين تي سيلز ٽيڪس 5 مان وڌي 20 سيڪڙو ٿيندي، ويهه هزار ماهوار وارن بجلي صارفين تي ٽيڪس لڳندي.

وفاقي حڪومت پاران زرعي ٽيوب ويل جي صارفين لاءِ بجلي هڪ رپيو 35 پيسا في يونٽ سستي ڪئي وئي آهي.

نئين وفاقي بجيٽ ۾ ايل اين جي ۽ ايل پي جيءَ جي درآمد تي ڪسٽمز ڊيوٽيءَ جي ڇوٽ ختم ڪئي وئي آهي.

بجيٽ ۾ آئل رفائنرين لاءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل ۽ پيٽرول تي ڊيمڊ ڊيوٽيءَ ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.

نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ پيٽرول تي به ساڍا 12 سيڪڙو ڊيمڊ ڊيوٽي لڳائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، آئل رفائنرين ۾ سيڙپڪاريءَ ۽ مڪمل ٽرن اوور تي ٽيڪس ختم ڪئي وئي آهي.

* مالي سال 20-2019 جي وفاقي بجيٽ ۾ وفاقي ترقياتي پروگرام لاءِ 925 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

ڪراچيءَ جي ترقياتي رٿائن لاءِ ساڍا 45 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا، صحت، تعليم ۽ صاف پاڻيءَ جي منصوبن لاءِ 93 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

وفاقي حڪومت پاران قبائلي ضلعن جي ترقيءَ لاءِ 22 ارب رپيا رکيا ويا آهن، وفاقي وزارتن جي رٿائن لاءِ 372 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن.

نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ پاڻي وسيلن واري ڊويزن لاءِ 85 ارب رپيا رکيا ويا، ريلوي لاءِ 16، ناڻي واري ڊويزن لاءِ 36 ارب 82 ڪروڙ، هائر ايجوڪيشن ڪميشن لاءِ 29 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

ڪشمير معاملن واري وزارت لاءِ 29 ارب رپيا، قومي صحت لاءِ 13 ارب 37 ڪروڙ ۽ فوڊ سڪيورٽيءَ لاءِ 12 ارب، پلاننگ ڪميشن لاءِ 7 ارب 96 ڪروڙ، ڊفينس ڊويزن لاءِ 45 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن.

وفاقي بجيٽ ۾ اين ايڇ اي لاءِ 156 ارب رپيا، بجليءَ جي رٿائن لاءِ 41 ارب 89 ڪروڙ، ايرا لاءِ 5 ارب، آءِ ڊي پيز جي جي بحالي ۽ امداد لاءِ 12 ارب مقرر ڪيا ويا آهن.

بجيٽ تقرير موجب سڪيورٽيءَ لاءِ ساڍا 32 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا، اعليٰ تعليم تي 28 ارب 64 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويندا.

مملڪتي وزير حماد اظهر موجب بجليءَ جي پيداوار ۽ فراهميءَ جا 73 منصوبا پي ايس ڊي پي ۾ شامل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته واپڊا هائڊرو جنريشن جي 17 رٿائن تي 120 ارب رپيا خرچ ٿيندا.

وفاقي حڪومت پاران توانائيءَ جي شعبي تي مجموعي طور 216 ارب رپيا خرچ ڪيا ويندا.

* نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ بجلي ۽ گيس جا گهٽ يونٽ استعمال ڪندڙن لاءِ 216 ارب سبسڊي رکي وئي آهي.

بجيٽ تقرير موجب ماهوار 3 سئو يونٽ استعمال ڪندڙن لاءِ 200 ارب رپين جي سبسڊي رکي وئي آهي، جڏهن ته صنعتي بجليءَ تي پڻ 40 ارب رپين جي سبسڊي ڏني ويندي.

وفاقي حڪومت پاران ڪلين ۽ گرين پروگرام لاءِ 2 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا.

نئين مالي سال 20-2019 جي وفاقي بجيٽ ۾ نوجوانن لاءِ آسان قرضن جو پروگرام شروع ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

مملڪتي وزير حماد اظهر جو چون آهي ته وزيراعظم يوٿ پروگرام لاءِ 10 ارب رپيا رکيا ويا، رسرچ اينڊ سپورٽ فنڊ لاءِ 5 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا.
هن چيو ته زرعي ٽيڪنالاجي فنڊ به 5 ارب رپين جو قائم ڪيو ويندو، نئين بجيٽ ۾ آءِ ٽي سيڪٽر ۾ هڪ لک نوڪريون پيدا ڪرڻ جو منصوبو به شامل ڪيو ويو آهي.

About Author

Leave A Reply