هندو نارين جي اغوا، قبرستانن تي قبضن خلاف پيرين پنڌ مارچ ميرپورخاص پهتو

0

ميرپورخاص (اي اين اين) هندو نياڻين جي اغوا، مذهب تبديل ڪرائڻ، ننڍي عمر ۾ شاديون ڪرائڻ، اقليتن جي ڳوٺن، مندرن، مڙهين، قبرستانن، مساڻن تان قبضا ختم ڪرائڻ، شيڊول ڪاسٽ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي يونيورسٽين ۾ داخله ۽ روزگار فراهم ڪرڻ سميت مختلف مطالبن جي مڄتال لاءِ ڀيل سڄاڳ تحريڪ پاڪستان ۽ سنڌ شيڊول ڪاسٽ پاران 12 اپريل کان کپرو کان ميرپورخاص نڪتل پيادل مارچ ميرپورخاص پريس ڪلب پهتو

مارچ ۾ شريڪ سوين مردن عورتن پاران پنهنجن مطالبن جي حق ۾ هٿن پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي ميرپورخاص جي مختلف رستن گشت ڪندي نعريبازي ڪندي اقليتن کي سندن حق ڏيڻ جو مطالبوڪيو. پريس ڪلب اڳيان مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن سنگيتا، وڪيل ڪانجي راڻو ڀيل، ڌرمون خانواڻي، وڪيل هيمنداس ۽ ٻين چيو ته اقليت پاڪستان جي محب وطن آهي

هنن چيو ته اقليتن ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ هميشه پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي پر اقليتن کي هميشه نطر انداز ڪيو وڃي ٿو هڪ خاص طبقي کان علاوه اقليتن سان ناروا سلوڪ اختيار ڪيو وڃي ٿو پر ان جي باوجود اقليت جي ماڻهن هميشه ملڪ سان وفادار هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته اقليتن جي نابالغ نياڻي کي اغوا ڪري جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ بند ڪيو وڃي، 18 سال کان گھٽ عمر جي شادين تي پابندي واري قانون تي سختي سان عمل ڪيو وڃي، نابالغ عورتن جي مذهب تبديل ڪرڻ کان پوءِ گھٽ ۾ گھٽ ٻن سالن تائين مذهب تبديل ڪندڙ نياڻين کي ديني تعليم ڏني وڃي ۽ ٻن سالن بعد شادي ڪرڻ جي پابندي لاڳو ڪئي وڃي

اقليتن جي ڳوٺن مندرن، مڙهين، قبرستانن، مساڻن، زمين تان بااثرن جا قبضا ختم ڪرايا وڃن، شيڊول ڪاسٽ زاتين جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ بيروزگارن لاءِ يونيورسٽين ۾ داخلا جي فيس محاف ڪئي وڃي ۽ نوڪرين ۾ 10 سيڪڙو ڪوٽا مقرر ڪري روزگار فراهم ڪيو وڃي، سياسي پارٽين کي قانوني طور پابند بڻايو وڃي ته اُهي جنرل سيٽن جن ۾ قومي، صوبائي اسيمبلي توڙي بلدياتي چونڊن دوران آبادي جي حساب سان جنرل سيٽن جا ٽڪيٽ ڏيڻ جو پابند بڻايو وڃي، سياسي پارٽين مان اقليتي ونگون ختم ڪري برابر جو شهري تسليم ڪيو وڃي، سينيٽ قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ قانون سازي ذريعي اقليتن جي حقن جي تحفظ يقيني بڻايو وڃي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت، سياسي

.پارٽيون، اعليٰ عدليه، انساني حقن جا ادارن اقليتن سان ٿيندر ناانصافين جو نوٽيس وٺن

About Author

Leave A Reply