نوشھرو فيروز: نوجوان کي گم ڪرڻ تي ڳوٺاڻن جو پوليس خلاف احتجاج

0

نوشهروفيروز (اي این این ایس)
ڳوٺ نظام الدين پنهور جي رهواسين پاران پوليس هٿان ٻن ڄڻن کي کنڀي گم ڪرڻ ۽ هڪ شخص جا قاتل گرفتار نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ابوبڪر پنهور صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ سال اڳ جوابدار سرور، قمرالدين، هارون، نوح ۽ عبدالرشيد منهنجي پيءُ جان محمد پنهور کي قتل ڪيو هو، جنهن جي پوليس ايف آءِ آر ته داخل نه ڪئي منهنجي ڀاءُ محمد يوسف ڪورٽ ۾ 22 اي جي درخواست داخل ڪرائي، جنهن تي مٿين جوابدارن ڪاوڙجي منهنجي ڀاءُ محمد يوسف ۽ پٽ عبدالشڪور کي ڏيڍ لک رپيا رشوت عيوض ابڙان پوليس هٿان اغوا ڪرايو ۽ ابڙان پوليس معرفت نيوجتوئي پوليس هٿان هٿرادو مقابلو ڄاڻائي محمد يوسف کي چالان ڪرايو آهي جڏهن ته منهنجو پٽ عبدالشڪور اڃا تائين گم آهي. هن چيو ته پوليس ۽ جوابدار مون کي ۽ منهنجي گهرڀاتين کي اغوا ڪرائي مارڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن
هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي نوابشاهه، ايس ايس پي نوشهروفيروز ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته کنڀي گم ڪيل نوجوان کي ظاهر ڪري اسان کي تحفظ ڏئي پوليس جي زيادتين جو نوٽيس ورتو وڃي

About Author

Leave A Reply