نوشهرو فيروز ۾ گزيٽيڊ آفيسرن پاران پڪو نه ڪرڻ خلاف مظاهرو، سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو چتاءُ

0

نوشهروفيروز(اي اين اين)گزيٽيڊ آفيسرس ايسوسيئشن پاران آءِ بي اي ٽيسٽ پاس هيڊماسترن کي پڪو نه ڪرڻ ۽ تعليم کاتي ۾ ٻين کاتن جي آفيسرن جي مقرري خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو ويو آهي

پريس ڪلب نوشهروفيروز ٻاهران احتجاج ڪرڻ بعد ڪاريون پٽيون ٻڌي هيڊماسترن اظفر ميمڻ، عائشه ٻرڙو، خان راڄپر، غلام مرتضيٰ مري، سعود احمد سومرو ۽ ٻين چيو ته آءِ بي اي ٽيسٽ پاس هيڊ ماسترن جا 11 جولاءِ 2019 تي ڪانٽريڪٽ ختم ٿي رهيا آهن پر اڃا تائين حڪومت پاليسي واضح ناهي ڪئي

هنن چيو ته کين ريگيولر ڪيو وڃي ۽ تعليم کاتي ۾ ٻاهرين کاتن جي آفيسرن جي مقرري بند ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته تعليم کاتي ۾ اهل ۽ ايماندار آفيسر موجود آهن جيڪي آءِ بي اي جهڙي اعتماد جوڳي اداري جي ٽيسٽ پاس ڪري هيڊماستر ٿيا آهن

 هنن چيو ته آءِ بي اي ٽيسٽ هيڊماسترن کي ريگيولر ڪري ٻين کاتن جي آفيسرن جون تعليم کاتي ۾ مقرريون بند ڪيو وڃن ٻيءَ صورت ۾ گزيٽيڊ

.آفيسرس ايسوسيئيشن پاران سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو

About Author

Leave A Reply