نوشهرو فيروز: گهارو پوڻ سبب ڳوٺ ۽ فصل پاڻيءَ هيٺ، انتظاميه نه پهتي

0

(نوشهروفيروز (اي اين اين ايس

نوشهروفيروز ڀرسان ڳوٺ حاجي عطا محمد مري وٽ 40 فوٽ گهارو پوڻ سبب ڪيترائي ڳوٺ، گهر ۽ فصل پاڻي هيٺ اچي ويا جڏھن ته ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود ايريگيشن عملو توڙي انتظاميه نه پهچڻ ڪري ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ گھارو بند ڪري ورتو

ٻئي طرف متاثر ڳوٺاڻن پاران ايريگيشن انتظاميه خلاف نٽھڻ اس ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي سائين بخش مري، نعمت الله مري، روشن مري، زاھد مري، ذوالفقار مشوري ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا

ان موقعي تي ڳوٺاڻن ٻڌايو ته  گذريل رات داد برانچ کي 40 فٽ گھارو پوڻ سبب سندن  گھرن، فصل ۾ پاڻي سبب لکين روپين جو نقصان ٿيو آھي انتظاميه کي اطلاع ڏيڻ باوجود ڪو به عملدار نه پھتو.ڳوٺاڻان پنھنجي مدد پاڻ گھارو بند ڪيو آهي

ھنن وڌيڪ چيو ته ڪافي ڀيرا پھريان به داد برانچ کي گھار پيو آھي پر ايريگيشن عملو صرف ڪاغذن ۾ ڪم ڏيکاري

.هر ڀيري لکين رپين جي بجيٽ هڙپ ڪري وڃن ٿا

About Author

Leave A Reply