نوشهرو فيروز:ڪوڙي مقابلي ۾ ماريل نوجوان جي والدين جو احتجاج جاري، ووٽ لاءِ ايندڙن کان پڇاڻو ڪرڻ جي گهر

0

 نوشهروفيروز (رپورٽ: خادم سيال) 13 مهينا اڳ هٿ ٺوڪين ڪيسن ۾ ڀريا پوليس هٿان مبينه مقابلي ۾ ماريل شفيق احمد سولنگي جي امڙ وزيران ۽ والد خان محمد سولنگي پاران سولنگي برادري جي سڀني ساڃاهه وندن، علم ادب ۽ ماڻهپي جي مان رکندڙ ماڻهن کي اپيل ڪئي وئي آهي ته 13 مهينا گذري وڃڻ باوجود سندن شهيد پٽ جي خون جو حساب نه ڪيو ويو آهي ۽ قاتل عبدالله اعواڻ ضلعي اندر پوسٽنگ کان پوسٽنگ وٺي قانون، اخلاق ۽ انسانيت جون حدون اورانگهيندو رهيو آهي

سندس مٿان اعليٰ عدالت پاران پوسٽنگ لاءِ پابندي هوندي به سرڪار جي ڪارندن جي آشيرواد سان هر وقت ڪا نه ڪا پوسٽ سندس حوالي ٿيل آهي

 عدالتن ۾ سندس خلاف شڪايتن جا انبار هوندي به مٿس ڪا ڪارروائي نه ٿي رهي آهي. هنن چيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان هر ڳالهه تي سوموٽو نوٽس وٺي ٿو پر اسان جي پٽ جا قاتل سرعام گهمي رهيا آهن ۽ اسان کي هن مهل تائين انصاف ناهي مليو

هنن برادري جي مڙني ماڻهن کي اپيل ڪئي آهي ته ووٽ وٺڻ لاءِ ايندڙ جي ڊي اي جي جتوئي ڀائرن ۽ پيپلزپارٽي جي مڙني اميدوارن کي ووٽ کان جواب ڏيندي شهيدن جي خون جو حساب وٺڻ ۽ شفيق سولنگي جي قاتل عبدالله اعواڻ

.خلاف قدم کڻڻ جي گهر ڪن

About Author

Leave A Reply