نوشهرو فيروز لڳ ڌيءَ کي وٺڻ لاءِ ويل پيرسن قتل، ٻه ڄڻا زخمي

0

(نوشهروفيروز (رپورٽ: خادم سيال

نوشهروفيروز ٻاهران ڳوٺ بيگ محمد پنهور ۾ نياڻي کي وٺڻ لاء آيل پيرسن ممتاز سولنگي کي ناٺي پاران مبينا گهٽا ڏئي قتل ڪري ساڻس گڏ آيل گهرواري ۽ ٻن عورتن سميت ٻن پٽن کي سروٽا ۽ ڏنڊا ھڻي زخمي ڪري ڇڏيو. مقتول ممتاز سولنگي ۽ زخمي عورتن کي سول اسپتال نوشهروفيروزآندو ويو

مقتول جي گهرواري حاڪمزادي صحافين کي ٻڌايو ته ٻه سال اڳ ڳوٺ بيگ محمد پنهور جي رهواسي نوجوان دلشاد پنهور کي نياڻي شينا عرف سريا جو سڱ ڏنو هيو جيڪو شادي کان پوءِ اسان جي نياڻي تي تشدد ڪندو رهيو جنهن جي خبر پوڻ تي ان کي وٺڻ وياسين ته دلشاد، زين پنهور وارن اسان کي سروٽا ۽ ڏنڊا هڻي زخمي ڪيو ۽  منهنجي پيرسن مڙس کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو آهي، جيڪو وڏو ظلم ڪيو ويو آهي نياڻي ظالمن وٽ قيد ٿيل آهي ان کي بازياب ڪرائي مڙس جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي

ٻئي طرف واقعي جو اڃان تائين ڪوبه ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو ۽ مقتول جو لاش توڙي زخمي سول اسپتال ۾ پهتل آهن. واضح رهي ته قتل ٿيل پيرسن ممتاز سولنگي ۽ زخمين جو تعلق نوشهروفيروز جي شهر درٻيلو سان آهي

About Author

Leave A Reply