نوشهرو فيروز لڳ ارڙي وگهي هفتي اندر 2 ٻارڙيون فوت، 9 بيماري ۾ ورتل

0

(نوشهروفيروز (اي اين اين

نوشهروفيروز لڳ ڳوٺ جمن کوسو ۾ معصوم ٻارڙي 6 سالا بيگم ڌيءَ امام بخش کوسو فوت ٿي وئي جڏهن ته 5 ڏينهن اڳ ساڳي ڳوٺ جي مصعوم ٻارڙي روشني ڌيءَ علي اڪبر کوسو پڻ فوت ارڙي وگهي فوت ٿي چڪي آهي

ڳوٺاڻن موجب ڪيترائي معصوم ٻارڙا ردا بتول، ڪنيز فاطمه، عمير علي، شايان علي، جميل، سليمان، ڪرم حسين، سنگيتا، نوني کان علاوه ٻيا ٻارڙا ارڙيءَ جي بيماري سبب بسترن تي پيل آهن

ڳوٺاڻن لياقت علي کوسو، راشد علي، ثقلين ۽ ٻين رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان جي ڳوٺ ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان ارڙي بيماري ڦهلجي چڪي آهي جنهن جو اطلاع اسان صحت کاتي کي ڏنو پر صحت کاتي جي لاپرواهي سبب اڄ پڻ هڪ وڌيڪ معصوم ٻارڙي فوت ٿي چڪي آهي ۽ 15 کان وڌيڪ ٻارڙا هن مهل تائين ارڙيءَ جي بيماري سبب

.بستري تي پيل آهي

هوڏانهن وشهروفيروز قومي شاهراهه تي سڌوجا ڀرسان تيز رفتار ٽرالر ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ڀريا ٿاڻي تي ڊيوٽي تي ويندڙ پوليس اهلڪار منظور احمد سومرو سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي مورو اسپتال پهچايو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. واضح رهي ته پوليس اهلڪار مورو شهر جو رهواسي هو۔

About Author

Leave A Reply