نوشهروفيروز ۾ صحت جون سهولتون نه هجڻ خلاف احتجاج جاري، ضلعي چيئرمين، ڊي سي پاران دورو، ڊي ايڇ او پاران عملو ڊيپيوٽيشن تي هجڻ جو اعتراف، عدالتي حڪمن جي خلاف ورزي

0

 نوشهروفيروز(اي اين اين)سول اسپتال نوشهروفيروز ۾ صحت جون بنيادي سهولتون نه هجڻ خلاف مختلف سياسي سماجي تنظمين جي اڳواڻن ۽ شهرين  پاران مورو سکر روڊ تي ڌرڻو هڻي هڪ ڪلاڪ تائين ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي جنهن سببب گاڏين جو قطارون لڳي ويون

شهرين پاران اسپتال کي ضلعي جو درجو ڏيو، مريضن کي دوائون ڏيو جا نعرا هنيا ويا. ان موقعي تي اڳواڻن اسپتال بچايوايڪشن ڪاميٽي اڳواڻ يونس راڄپر، خادم سيال، ايس يو پي جو مهر وسطڙو، ايس اين پي جو اياز راڄپر، جمعيت علماءِ اسلام جو اڪرم پيرزادو،عبيد ميمڻ، عوامي تحريڪ جو غلام حسين سومرو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا

ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته نوشهروفيروز ضلعي کي 29 سال ٿي ويا آهن ان جي باوجود سول اسپتال نوشهروفيروز کي ضلعي جو درجو نه ڏنو ويو آهي چونڊيل نمائندن نسيم راڄپر ۽ ممتاز چانڊيو پاران سنڌ اسيمبلي ۾ آواز اٿارڻ جي باوجود اسپتال ۾ بنيادي سهولتون نه پيون ملن

ٻئي طرف ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز انور شر، ضلعي ڪائونسل چيئرمين عبدالستار عباسي، ڊي ايڇ او هيلٿ ڊاڪٽر مظهر ڪلهوڙو شهرين سان ڳالهيون ڪيون ۽ کين يقين ڏياريو ته اسپتال جي سڌاري لاءِ اسان شهرين سان گڏ آهيون هاڻي ڪنهن به صورت ۾ مريضن سان زيادتيون برداشت نه ڪيون وينديون

ڊي ايڇ او ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته نوشهروفيروز اسپتال مان پگهارون کڻندڙ  ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻين سميت 50 جي لڳ ڀڳ عملو ڊيپوٽيشن تي آهي، جن کي واپس ڪرائڻ لاءِ سيڪريٽري هيلٿ کي لکت ۾ آگاهي ڏني وئي آهي. واضح رهي ته ڊيپيوٽينشن تي عدالت طرفان بندش آهي، پر ڪامورن عدالتي حڪمن تي عمل بجاءِ ان جي خلاف ورزي

.ڪندي عملو ٻئي هنڌ مقرر ڪري رکيو آهي

About Author

Leave A Reply