نوشهروفيروز ٽائون ڪاميٽي جي 30 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ واري بجيٽ منظور

0

نوشهروفيروز ٽائون ڪاميٽي جي 30 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ واري بجيٽ منظور

اسڪالرشپ، راندين، پريس ڪلب،عورتن لاءِ سلائي مشينن ۽ نلڪن لاءِ 52 لک رکيا ويا

ٽائون آفيسر، اڪائونٽنٽ، ايڊمنسٽريٽو آفيسر ۽ لاڳاپيل عملي لاءِ هڪ بنيادي پگهار ڏيڻ جو اعلان

نوشهروفيروز(رپورٽ: خادم سيال)ٽائون ڪاميٽي نوشهروفيروز سال 19-2018 لاءِ 30 ڪروڙ، 59 لک، 2 هزار 225 رپين جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي، 5 لک 25 هزار 635 رپين جي بچت ظاهر. رپورٽ موجب ٽائون ڪاميٽي نوشهروفيروز جو اجلاس ٽائون چيئرمين پير خالد سيف الله جي صدارت هيٺ ٿي گذريو جنهن ۾ وائيس چيئرمين منير احمد سومرو، ڪائونسلر شاهد احمد خانزاده، صادق راجپوت، خليفه شڪيل احمد ميمڻ، ڊاڪٽر ڪاشف مصطفيٰ

.ميمڻ، معروف پيرزاده، عبدالجبار مغل، جيسه رام سميت عورت ڪائونسلرن پڻ شرڪت ڪئي

بجيٽ اجلاس ۾ ٽائون ڪاميٽي نوشهروفيروز جي ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن لاءِ 13 ڪروڙ، 85 لک، 11 هزار 489، ٽائون ڪاميٽي پڊعيدن لاءِ 3 ڪروڙ 59 لک 7 هزار 189، ٽائون ڪاميٽي دريا خان مري لاءِ 3 ڪروڙ 9 لک 43 هزار 264 رپيا رکيا ويا

تمام فيون، ٽئڪس، ڪچي پڙي، شاپ رينٽ ۽ پراپرٽي ٽئڪس جو ڪاٿو 55 لک، 70 هزار لڳايو ويو. رهيل پگهارن ۽ ترقياتي ڪمن لاءِ گرانٽ 5 ڪروڙ 17 لک، 40 هزار 282 رکيا ويا. سوشل ويلفيئر، غريب ماڻهن جي مدد، غريب ۽ هوشيار شاگردن جي اسڪالرشپ، راندين، پريس ڪلب لاءِ امداد، بيواهه ۽ غريب عورتن لاءِ سلائي مشينون ۽ نلڪن لاءِ 52 لک رپيا رکيا ويا. بجلي جا بل، قدرتي آفتون، ميڊيڪل بل، نيشنل وي آءِ پي ڏينهن 14 آگسٽ ۽ محرم پاڪ جي روٽن جي خرچ لاءِ 39 لک رپيا رکيا ويا

ڪائونسل طرفان اڳي منظور ٿيل هلندڙ ترقياتي ڪم ۽ سال 19-2018 ۾ نئون ترقياتي پروگرام ۽ ٽائون ڪاميٽي پراپرٽي جي رپيئر مينٽيننس وغيرهه لاءِ 2 ڪروڙ 85 لک رپيا ڏيکاريا ويا جنهن کي سڀني ميمبرن منظور ڪري ڇڏي

اجلاس ۾ ٽائون چيئرمين پير خالد سيف الله سهروردي بجيٽ کي سڀني ميمبرن پاران متفقه طور منظور ڪرڻ تي ٿورا مڃيا جڏهن ته ٽائون آفيسر، اڪائونٽنٽ ايڊمنسٽريٽو آفيسر ۽ سندن سان لاڳاپيل اسٽاف جي محنت سان بجيٽ تيار

.ڪندڙ عملي کي مبارڪ باد پيش ڪرڻ سان گڏ هڪ بنيادي پگهار ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو

About Author

Leave A Reply