نوشهروفيروز: دريا خان هيروز ڪرڪيٽ رائونڊ کٽي ورتو

0

نوشهروفيروز (اي اين اين) درياخان مري ۾ سپر ليگ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ مراد شاه بخاري ڪرڪيٽ گرائونڊ تي ٿي. دريا خان مري لاينس ۽ دريا خان  هيروز ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ دلچسپ مقابلو ٿي گذريو

درياخان لاينس ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي مقري 10 اوورن ۾ 128 رنسون ٺاهيون. مظفر جٽ 44 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. جڏهن ته درياخان هيروز ٽيم مليل هدف مقرر اوورن کان اڳ 8 اوور ۾ حاصل ڪري ورتو

اوپنر شاهد وڳڻ بهترين راند جو مظاهرو ڪندي 39 رنسون ٺاهي ناقابل شڪست رهيو، اياز ملڪ 32 ۽ پرويز مري کي 20 رنسون ۽ هڪ وڪيٽ وٺڻ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو

ان موقعي تي ٽورنامينٽ جي آرگنائيزر عبدالسلام بروهي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٽائون ڪاميٽي درياخان مري جي تعاون سان ٿيندڙ ھن ٽورنامينٽ ۾ 5 بهترين ٽيمون حصو وٺي رهيون آھن نوجوانن کي بهتر ماحول ۽ صحتمند رکڻ

.لاءِ رانديون ڪرائڻ گهرجن جڏهن ته ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ پهچندڙ ٽيمن کي ٽرافي سان گڏ ڪيش انعام پڻ ڏنو ويندو

About Author

Leave A Reply