نوشهروفيروز جي خزاني آفيس ۾ آن لائن جي پي فنڊ سينٽر جو افتتاح

0

نوشهروفيروز/ مورو(اي این این) نوشھروفيروز ۾ اي جي سنڌ غفران ميمڻ نوشهروفيروز جي خزاني آفيس ۾ آن لائن جي پي فنڊ سينٽر جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي.
ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي غفران ميمڻ چيو ته سنڌ پاڪستان جو واحدصوبو آهي جنهن جي خزاني آفيسن ۽ اي جي سنڌ جي جي پي فنڊ جا آن لائن سينٽر کوليا ويا آهن هاڻي ڪنهن به غريب ماڻهو کي ڪا به تڪليف برداشت نه ڪرڻي پوندي۔
هو پنهنجي موڙي پنهنجي ئي اڪائونٽ ۾ ڪنهن به ڪمپيوٽر تي ويهي جاچي ۽ ڏسي سگهندو.
هن چيو ته سنڌ ۾ هن کان اڳ پينشن سينٽرن آن لائن سسٽم مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ پينشنر ملازمن جو تعداد سڄي سنڌ ۾ 2 لک جي برابر آهي، جڏهن ته جي پي فنڊ حاصل ڪندڙ ملازمن جو تعداد 5 لک کان وڌيڪ آهي۔
هن چيو ته مسئلو اهو هو ته جي پي فنڊ صرف پراڻي ريڪارڊ ۾ هوندو هو جنهن جي ڪري انتهائي کوڙ سارا مسئلا درپيش ايندا هئا ۽ کين ڪڏهن خزاني آفيس ته ڪڏهن وري ٻين ضلعن ته ڪڏهن وري اي جي سنڌ ۾ دربدر ٿيڻو پوندو هو سندن اهي مشڪلاتون گهٽائڻ لاءِ اسان هي مشڪل مرحلو پورو ڪرڻ لاءِ ڇهن مهينن يعني هن سال جي ڊسمبر تائين سڄي سنڌ اندر مڪمل ڪنداسين ۽ جنوري 2020 کان جي پي فنڊ حاصل ڪندڙ ملازم پنهنجي رقم پنهنجي اڪائونٽ ۽ پنهنجي کاتي ۾ ڏسڻ لاءِ ڪمپيوٽر يا وري آن لائن سسٽم ذريعي پاڻ ڳولي سگهندا۔
ان موقعي تي خزانه آفيس نوشهرو فيروز جو اڪائونٽ آفيسر اعجاز ميمڻ، ايڊيشنل اڪائونٽ آفيسر غلام شبير ڏيپر، اڪائونٽ آفيسر علي اڪبر چانڊيو، محمد ڪامل مورو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

About Author

Leave A Reply