نوشهروفيروز:پوليس پاران مقابلي۽غير قانوني هٿياررکڻ جا داخل ڪيس ڪوڙا قرار، 15 جوابدارآزاد

0

نوشهروفيروز(اي اين اين) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج نو شهرو فيروز سيد غلام شاهه غير قانوني هٿيار رکڻ جو ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي مختلف ٿاڻن تي داخل ڪيل ڪيسن مان 10 جوابدارن کي باعزت بري ڪري ڇڏيو آهي

تفصيلن موجب مٺياڻي ٿاڻي تي سرڪار جي مدعيت ۾ جوابدار مهوال چانڊيو، درياخان ٿاڻي تي جوابدار محمد معروف مري، ابڙان ٿاڻي تي   جوابدار قربان علي چانڊيو، نوشهروفيروز ٿاڻي تي جوابدار اصغر علي چانڊيو، زوهيب علي چانڊيو، محمد نواز سولنگي، ٿاڻوخانواهڻ ۾ جوابدار ربنواز خشڪ، درياخان مري ٿاڻي تي ماجد علي مري، نوشهروفيروز ٿاڻي تي جوابدار ميهر چانڊيو، ٿاڻو خانواهڻ تي جوابدر علي خشڪ تي سرڪار جي مدعيت ۾  غير قانوني هٿيار رکڻ جا ڪيس 2018 دوران داخل ڪيا ويا هئا پر پوليس هڪ به جوابدار مٿان ڏوهه ثابت نه ڪري سگهي

واضح رهي ته جيڪڏهن ڪنهن سڌريل ملڪ ۾ ائين سرڪاري مدعيت ۾ داخل ڪيل ڪيس ڪوڙا ثابت ٿين ها ته جوابدارن کي ڏنڊ ڀري ڏنو وڃي ها ۽ ملوث عملدارن خلاف قدم کنيو و ڃي ها. قانوني ماهرن موجب پاڪستان ۾ به قانوني طريقو موجود آهي پر نه جوابدار ۽ نه ئي سرڪاري وڪيل ان تي عمل ڪن ٿا 

ٻئي طرف سيشن جج غلام شاھ جي عدالت ٻن مختلف ڪيسن ۾  پوليس مقابلي جو ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي پنجن جوابدارن شاھنواز، ربنواز خشڪ، جاويد، گلشن ۽ شمس الدين  کي باعزت بري ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته جوابدارن مٿان مختلف ٿاڻن تي سرڪار جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا هئا 

About Author

Leave A Reply