نوشهروفيروز:عورتن جو تشدد ڪندڙن خلاف مظاھرو

0

نوشهروفيروز(اي اين اين ايس)
ڳوٺ حسين بخش کوسو جي رهواسڻ عورتن مسمات روبينه، بينظير، انيلا ۽ بختاور کوسو احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد صحافين کي ٻڌايو ته جوابدار محبوب کوسو، ضمير، ساجن، خالد، پريل، ستار ۽ جبار کوسو ھارپي واري زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ اسان جي گهرن تي حملو ڪري اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي سخت زخمي ڪري ڇڏيو.
اسان اهڙي دانهن نوشهروفيروز ٿاڻي تي کڻي وياسين ته اسان جو ڪيس داخل نه ڪيو ويو. هنن چيو ته محبوب کوسو ڏوهاري ۽ فسادي قسم جو ماڻهو آهي، جنهن اسان جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي
هنن ايس ايس پي نوشهروفيروز سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪري اسان کي انصاف ڏياريو وڃي

About Author

Leave A Reply