نوجوانن ۽ سياسي ڪارڪنن کی کنڀي گم ڪرڻ خلاف مظاهرو

0

نوشھرو فيروز (رپورٽ: منظور ملڪ) مورو ۾ جيئي سنڌ تحريڪ پاران مرڪزي اڳواڻ عبدالفتاح چنا، سيد مسعود شاھ، پٺاڻ خان، ڪاشف تڳر کي بنا جواز کنڀي گم ڪرڻ خلاف مورو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي ابرار ميمڻ، جسم جوڻيجو گروپ جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ ھاشم کوسو، ايس يو پي جي سردار ٻرڙو، دانش ميمڻ ء ٻيا ڪري رهيا هئا
هنن چيو ته جست اڳواڻ عبدالفتاح چنا، سيد مسعود شاھ، ڪاشف تڳر، پٺاڻ خان ۽ ٻين کي بنا جواز کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. ھنن چيو تہ اھو ڪٿان جو قانون آھي تہ عوامی حقن جي حاصلات لاءِ بنا لالچ ڪيس وڙھندڙ ۽ آواز اٿاريندڙ سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو وڃي؟
ان موقعي تي پ پ ش ڀ جي حاجي خان سمون ۽ ٻين پڻ حمايت ڪندي اڳواڻن کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو

About Author

Leave A Reply