نوان جتوئي:عورت جو مڙس ۽ ڏيرن خلاف احتجاج، مارڪٽ ڪرڻ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏيڻ جا الزام

0

نوشھرو فيروز (ای این این ایس)
نوان جتوئي لڳ ڳوٺ فقير محمد خاصخيلي واسي ناري شمشاد خاصخيلي جو پنهنجي امڙ مومل خاصخيلي ڀائرن ۽ پيءُ سميت مڙس ۽ ڏيرن خلاف سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي، ان حوالي سان ناري صحافين کي ٻڌائيندي چيو ته منهنجو مڙس وحيد ۽ ڏير منظور ۽ علي خاصخيلي مون کي هر روز مارڪٽ ڪندا هئا، اهڙي ڳالهه مون پنهنجي مائٽن کي ٻڌائي ۽ آءُ هن وقت پنهنجي مائٽن جي گهر ۾ ويٺي آهيان، ناري جي امڙ مومل ٻڌايو ته منهنجي نياني جا ڏير اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.
هنن جي اهڙي عمل خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. مظاهرين ايس ايس پي نوشهروفيروز، ڊي ايس پي مورو ۽ ايس ايڇ او کان انصاف جي گهر ڪئي آهي.

About Author

Leave A Reply