نواز شريف سان اهو پيو ٿئي جيڪو هن پي پي سان ڪيو: آغا سراج خان دراني

0

سکر(عبدالغفورشيخ وٽان) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج خان دراني چيو آهي ته نواز ليگ جي چوڻ سان ادارا ڪمزور نه ٿيندا، عوام ادارن سان گڏ آهي، نواز شريف سان هاڻي اهو ٿئي پيو، جيڪو هن پ پ سان ڪيو. عمران نيازي ٻڌائي ته سنڌ ۾ ڪرپشن ڪٿي آهي، پٺاڻن جو موڊ خراب نه ڪيو وڃي مخالفن جا پيئر به سڃاڻپ ڪارڊ ڏيندا

سکر جي قاسم پارڪ ۾ آل سنڌي يوٿ پٺاڻ اتحاد جي جلسي کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي آغا سراج دراني چيو ته نواز شريف وڏي پروٽوڪول سان عدالت ۾ پيش ٿئي پيو ۽ اسان کي ته جانورن وارين گاڏين ۾ کڻي پوليس عدالت ۾ پهچائيندي هئي، نواز شريف کي هاڻي پنهنجا سور ياد آيا آهن، جڏهن هن زرداري کي جيل ۾ وجهرايو ۽ محترمه تي ڪيس داخل ڪرايا اُن وقت هن ڇو نه سوچيو

آغا سراج دراني چيو ته اسان ڪنهن کي تنگ ڪرڻ يا ڪنهن پارٽي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اتحاد ناهي ٺاهيو، پر 200 سالن کان منتشر رهندڙ سنڌ جي پٺاڻن کي گڏ ڪري رهيا آهيون، کين هر ڀرو ڌارين جو الزام ڏئي موڊ خراب نه ڪيو وڃي. اسان اُهي ناهيون جو ڌار صوبي جون ڳالهيون ڪريون پر ڪنهن سنڌ ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪئي ته سڀ کان پهريان پٺاڻ پنهنجو سينو کولي وڙهندا

آغا سراج دراني چيو ته پٺاڻ جو مسئلو شناختي ڪارڊ  آهي ڪنهن جي پيءُ کي طاقت ناهي جو سنڌ جي ڄائي کي ڪارڊ ٺاهي نه ڏين. هن چيو ته ايم ڪيو ايم وارا اسان جا پراڻا دوست آهن اُهي جيڪڏهن منتشر ٿين ٿا ته انهن جي اندروني ڪهاڻي آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ آغا سراج دراني چيو ته  عمران خان نيازي سنڌ ۾ اچي وڏا جلسا ڪري

.ٿو پر جلسا ڪرڻ سان ووٽ ناهي ملندو اڄ ڪلهه اهڙا ماڻهو اچي ويا آهن جيڪي پئسو وٺي جلسي ۾ شريڪ ٿين ٿا

About Author

Leave A Reply