مٺي: بااثرن گهر ڊاهي ڳوٺ مان نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي، خاندان

0

مٺي (اي اين اين) ضلعي ڪائونسل ٿرپارڪر جي  چئرمين ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو جي ڳوٺ ساڪري مان هڪ غريب پورهيت خاندان کي گهر ڊاهي نيڪالي ڏني ويئي، غريب پورهيت ڪيول ميگهواڙ سموري خاندان زال ۽ ست ٻارن سميت سمورو گهرو سامان کٽون بسترا وغيره کڻي رات دير سان مٺي پريس ڪلب آڏو گهرو سامان سميت ناانصافي خلاف ڌرڻو هڻي ويٺل رهيو، متاثر خاندان ڪيول ميگهواڙ ۽ سندس زال ڀڳواني دانهيندي چيو آهي ته ضلعي ڪائونسل چيئرمين جي ڀائٽي ماستر اعجاز ۽ ٻين مون غريب پورهيت جو گهر ڊاهي پٽ ڪري مون کي ڳوٺ مان نيڪالي ڏيئي ڪڍي ڇڏيو آهي.

هن ٻڌايو ته مجبورن ٻچا وٺي گهر جو سمورو سامان کڻي مٺي پريس ڪلب آڏو انصاف لاء احتجاجي ڌرڻو هنيو آهي، هن جو چوڻ آهي ته ضلعي ڪائونسل چيئرمين وٽ ب دانهن کڻي ويس پر هن به مون غريب جي داد رسي نه ڪئي.

ضلعي ڪائونسل ٿرپارڪر جي چيئرمين غلام حيدر سميجو جي ڳوٺ مان گهر ڊاهي نيڪالي ملڻ بعد گهرو سامان ۽ ٻارن ٻچن سميت مٺي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻي ويٺل پورهيت خاندان ڪيول ميگهواڙ وٽ ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي پهچي سندس مسئلو معلوم ڪري همدردي جو اظهار ڪندي کين مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ضلعي ڪائونسل چيئرمين ۽ ڊي سي سان ڳالهائڻ جي خاطري ڪرائي

جڏهن ته متاثر خاندان ايم پي اي آڏو دانهيندي چيو ته مون غريب سان ظلم ڪيو ويو آهي اسان ساڪري ڳوٺ ۾ هڪ سئو ستر سالن کان آباد آهيون منهنجو گهر ڊهي مون کي بي گهر ڪري ڳوٺ مان ڪڍي ظلم ڪيو ويو آهي، حڪومت نوٽيس وٺي مون سان انصاف ڪري

هوڏانهن ضلعي ڪائونسل چيئرمين ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو چيو آهي ته ڳوٺ مان لڏائڻ جو ڪيول ميگهواڙ ڊرامو ڪري رهيو آهي اسان مان ڪنهن به هن کي ناهي لڏايو،هن پهريائين اسڪول جي پلاٽ تي قبضو ڪيو هي بليڪ ميلر آهي، پئسن لاء ٿو ڪري، هن پاڻ پنهنجي گهرکي ڊاهي پاڻ سامان کڻي ڳوٺ ڇڏي هليو ويو آهي هن مون کي به فون ڪيو هو ته آئون لڏي ٿو وڃان، هن چيو ته هن جو ٻيو ڀاء اتي ڳوٺ ۾ رهيو پيو آهي انهي کي اسان نه لڏايو آهي ته هن کي ڇو لڏائينداسين

About Author

Leave A Reply