مٺياڻي ۾ استاد زاهد سهتو جي گهر ۾ لکين رپين جو ڌاڙو، مزاحمت تي زخمي، پوليس وڌندڙ وارداتن تي خاموش تماشائي بڻيل

0

مٺياڻي (اي اين اين)مٺياڻِي جي وارڊ نمبر 04 ۾ چار نامعلوم هٿياربند استاد زاهد حسين سهتو جي گهر ۾گهڙي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي هڪ ڪمري ۾ بند ڪيو ۽ گهر ۾ پيل  15 لک رپين جوسون ۽ 5 لک روڪ رقم جو ڌاڙو هنيو

جڏهن ته مزاحمت ڪرڻ تي گهر ڌڻي زاهد حسين سهتو کي ڏنڊو هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو ۽ هٿيار بند فرار ٿي ويا

 ياد رهي ته عام طور تي ضلعي نوشهرو فيروز ۽ خاص ڪري مٺياڻي ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهن ۾ واڌارو اچي ويو آهي. شهرين جو چوڻ آهي ته پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي، جڏهن ته ڪيس به داخل نٿا ڪيا وڃن

چونڊيل نمائندن به مٺياڻي ۽ ان جي آس پاس وڌ ندڙ وارداتن جو ڪوبه نوٽيس نه ورتو آهي، جڏهن ته عوام راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور آهي

اهڙين وڌندڙ وارداتن تي عوام ۾ سخت ڳڻتي ڇانيل آهي، هتان سڄاڻ ڌرين  آئي جي سنڌ سيد ڪليم امام کان فوري نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي

About Author

Leave A Reply