مٺياڻي لڳ ھٿياربندن جو حملو، ٻه ڄڻا قتل، جوابدار فرار

0

نوشهروفيروز(رپورٽ: منظور ملڪ)
مٺياڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالڪريم ڀرٽ ۾ صبح سويرھٿياربندن حملو ڪري ڏنو
تفصيل موجب ڳوٺ عبدالڪريم ڀرٽ ۾ ھٿياربند، استاد محمد عمر ڀرٽ جي گهر تي حملو ڪري سندس ڀاء محمد صادق ۽ پٽ جاويد عرف ڏاڙھون کي قتل ڪري فرار ٿي ويا
ھڪ ئي گهر ۾ ٻه قتل ٿيڻ سبب ڳوٺ ۾ ڪھرام مچي ويو

یاد رهی ته واقعو ناري سيما سولنگي ۽ اشفاق ڀرٽ پاران پسند جو پرڻو ڪرڻ سبب پيش آيو. هڪ سال اڳ جوڙي پيار جو پرڻو ڪيو هو، جنهن تان ڌرين ۾ ڇڪتاڻ ھلندڙ ھئي.
وارثن پاران لاش نوشھرو فيروز آڻي قومي شاهراھ تي رکي ڌرڻو ڌرڻو هنيو ويو انتظاميه پهچي ڳالهيون ڪري روڊ کولرايو جنھن بعد لاش مٺياڻي اسپتال آڻي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.
ٻئي پاسي مٺياڻ ٿاڻي جي ايس ايڇ او رفيق رفيق احمد ٻوھيو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعي جو اطلاع ملڻ شرط پوليس پارٽي ساڻ ڪري ڳوٺ ڪانڊيرو سولنگي تي ڪاروائي ڪندي ٻن ڄڻن اصغر ولد غلام قادر سولنگي، رياض ولد اسماعيل سولنگي کي بندوقن سميت گرفتار ڪري ورتو آھي

About Author

Leave A Reply