مٺياڻي لڳ شاھدي ڏيڻ  تان جوابدارن هٿان مامو مرڻينگ، جوابدار فرار

0

  مٺياڻي(اي اين اين ايس)مٺياڻي  ڀرسان ڳوٺ حاجي ابراھيم ابڙو ۾ شاھدي ڏيڻ واري معاملي تان نذير ابڙو ساٿين سان گڏجي پنھنجي مامي محمد عثمان ابڙو کي ڪھاڙين جا وار ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو

زخمي کي نوان جتوئي اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران طبي امداد ڏني وئي جڏھن ته محمد عثمان ابڙو جي حالت ڊاڪٽرن مطابق نازڪ ھجڻ ڪري نوابشاھ جي اسپتال نيڻ جومشورو ڏنو ويو آھي

ان موقعي تي زخمي محمد عثمان ابڙو ٻڌايو ته ”ڪورٽ ۾ سڪندر ابڙو کي خنجر لڳڻ واري شاھدي ڏيڻ تان نذير ابڙو ۽ بچل ابڙوکيس ھٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏيندا رھيا آھن ۽ جمع ڏينهن مٿس قاتلاڻو حملو ڪندي ڪھاڙي جا وار ڪري زخمي ڪري فرار ٿي ويا

هن ٻڌايو ته اھڙي رپورٽ فريد ديرو ٿاڻي تي نذير ابڙو، برڪت ابڙو، امجد ابڙو ۽ بچل ابڙو مٿان داخل ڪرائي وئي آھي

ھن مطالبو ڪيو ته قاتلاڻو حملو ڪندڙ جوابدار گرفتار انصاف ڏيندي تحفظ فراھم ڪيو وڃي

About Author

Leave A Reply