مٺياڻي لڳ سولنگي برادري ۾ جهيڙو، ٻن عورتن سميت 7 ڄڻا زخمي

0

مٺياڻي (اي اين اين) مٺياڻي ويجهو ڳوٺ موليڏنو ماڇيءَ  ۾ زميني تڪرار تان سولنگي قبيلي جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي دوران لٺيون ۽ ڪهاڙيون  لڳڻ سبب ٻن عورتن سميت ست ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا

زخمين ۾ منور ، ذوالفقار ، مير نواز ، اعجاز ، نثار سولنگي ۽ 2 عورتون شامل آهن، جن کي  مٺياڻي اسپتال آندو ويو آهي

ڳوٺاڻن موجب پوليس بروقت ڪارروائي نه ڪئي ته ڌرين ۾  وڌيڪ جهيڙي جو خدشو آهي

About Author

Leave A Reply