مٺياڻي لڳ سنڌو درياء ۾ 3 ڀينر ٻڏي فوت

0

نوشھرو فيروز (رپورٽ: منظور ملڪ/ ای این این ایس) مٺياڻي لڳ PWD بنگلو ڪاريجا ويجھو سنڌو درياء ۾ غلام مصطفا ڀٽو ويٺل ڳوٺ مراد ڪوريجو ديھ سھڙا جي حد جون 3 نياڻيون شازيه، عمر22 سال عقيلا 18 تسليمان 11 ٻڏي فوت ٻه شادي شده ۽ ھڪ ڏھ سالن جي پنھجي ڀاء سان درياء گھمڻ لاء آيون ھيون۔ درياء جي ڀير ڏيڻ سبب ڪري فوت۔ ایم پی ای ممتاز علي چانڊيو طرفان بروقت ٽوٻا گھرائي ڏنا ويا جن ڳولا شروع ڪري ڇڏي آھي ۽ ڳولا دوران عقيلا ۽ تسليمان جا لاش ھٿ اچي ويا آھن جن کي وارثن حوالي ڪيو ويو ۽ شازيا جي ڳولا جاري ھئي, جڏھن ته ھن ئي گھر مان ٽن ڀينرن جي موت جي خبر علائقي ۾ باھ وانگر پکڙجي وئي ۽ وڏي تعداد ۾ ماڻھو واقعي واري ھنڌ پھچي ويا ۽ لاش گھر پھچڻ تي گهر ۾ ڪھرام مچي ويو ٻئي پاسي ضلعي انتظاميا پاران ڪجھ ڏينھن پھريان ھڪ ليٽر جاري ڪري شاخن ۽ تفريحي ماڳن ۽ واھن تي ماڻھن جي اچ وڃ ۽ تي پابندي جو حڪم ڏنو ويو ھو ليڪن ان تي ڌيان نه ڏيڻ سبب ۽ ماڻھن پاران دريا تي سير سفر سبب واقعو پيش آيو آھي۔
ان موقعي تي ايس ايڇ او فريد ديرو کان جڏھن سوال ڪيو ته ھو محرم الحرام جي ڊيوٽين ۾ مصروف ھجڻ جو چئي ٽال مٽول ڪري ويو.

About Author

Leave A Reply