مٺياڻي: استاد زاهد سهتو جي گهر اندر ڌاڙی ۾ ملوث 3 جوابدار گرفتار

0

مٺياڻي(این این ایس) مٺياڻي جي وارڊ نمبر 4 جي رهواسي پرائمري استاد ڄام زاهد حسين سهتو جي گهر مان 7 مھينا اڳ لڳل ڌاڙی ۾ ملوث 6 جوابدارن مان مٺياڻي پوليس 3 جوابدار محمد رمضان عرف گڊو شيخ، دوست محمد عرف ذڪو ملاح ۶ انصار چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو

ذريعن موجب پوليس هڪ جوابدار کي ڇوري جي شڪايت تي گرفتار ڪيو هو جنهن جاچ دوران ان ڏوهه جو اعتراف ڪيو

ايس ايڇ او مٺياڻي نادر علي ڀٽي مٺياڻي ٿاڻي تي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته ڌاڙي ۾ ملوث 3 جوابدارن کان مجموعي طور تي ھڪ عدد سوني منڊي، 58 هزار روڪ رقم ۽ ٻه عدد قيمتي ڪمبل ۽ واردات ۾ استعمال ٿيل پسٽل پنج گولين سميت پڻ ھٿ ڪري ورتو آهي

باقي رڪوري ۽ گهربل 3جوابدارن جي گرفتاري لاء پوليس چڙهايون ڪري رهي آهي ۽ اميد ظاھر ڪندي چيو ته باقي رهيل 3 جوابدر به جلد گرفتار ڪري رهيل رقم ۽ سونازيور جلد برآمد ڪيا ويندا

ياد رھي تـه ست مھينا اڳ مٺياڻي جي زاھد حسين سھتو جي گھر اندر ٻٽ پھريل 6 ھٿياربند داخل ٿي گهر ڌڻي کي سخت تشدد ڪرڻ بعد ڏيڍ ڪلاڪ گھر ۾ يرغمال بڻائي 17 لک روپين جو ڌاڙو ھڻي فرار ٿي ويا ھيا

About Author

Leave A Reply